Sindhiana.com - Sindhi literature magazine

- هي بلاگ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ترجمه نگارظفر جي لکڻين تي مشتمل آهي -

Category: General
Posted by: Zafar

منهنجي پاڙي ۾ هڪ مُلو رهندو آهي هن جي عمر لڳ ڀڳ پنجٽيهه سال ٿيندي، هو جڏهن نئون لڏي منهنجي پاڙي اچي ويٺو تڏهن کيس ڏاڙهي رکيل نه هئي. منهنجي هن سان سٺي دعا سلام پيدا ٿي پئي، هو محڪمه تعليم ۾ ڪلارڪ آهي. اڳتي هلي سال ٻن کان پوءِ هن تمام وڏي ڏاڙهي رکائي ڇڏي جيڪا عام طور هڪ مُلو رکندو آهي. هو سمورا روزا رکندو آهي ۽ نماز جو پابند پڻ آهي. ڏاڙهي رکائڻ سان گڏ ئي هن ۾ موجود خاميون اُٻڙڪو ڏئي ٻاهر نڪري آيون. هن جو هڪ دڪان به آهي جتي هو واڍڪو ڪم ڪندو آهي. هاڻ هن پنهنجي ڊيوٽي تي وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ سمورو وقت دڪان يا مسجد کي ڏيندو آهي باقي هر پهرين تي بنا ناغي هو بينڪ پنهنجي پگهار جي وصولي لاءِ دڪان توڙي مسجد کي ڇڏي پهچي ويندو آهي. سندس گهر توڙي دڪان تي چويهه ڪلاڪ چوريءَ جي بجلي ٻرندي آهي، هو پنهنجي گهر ۾ ٽي وي رکڻ جو مخالف آهي تنهنڪري سندس گهر ۾ ٽي وي نه آهي البته هڪ ڪمپيوٽر اٿس جيڪو خراب ٿيڻ تي مون کي گهر وٺي وڃي ٺهرائيندو آهي. کيس ٽي پيارا ٻار آهن جيڪي هن دور ۾ ٽي وي کان محروم آهن اهي جڏهن پنهنجي ڪنهن عزيز جي گهر ويندا آهن ته ٽي وي وڏي شوق سان ڏسندا آهن. هن جي گهر ۾ گانا هلائڻ حرام آهي ڪمپيوٽر ۾ رڳو نعت ۽ حمد وغيره رکيل آهن. جيڪي پڻ چوريءَ جي بجلي تي ڪمپيوٽر ذريعي وڄندا آهن. هڪ ڀيري مون کي ليڪچر ڏيڻ لڳو ته الله کي هيئن يا هونءَ راضي ڪري سگهجي ٿو ۽ الله هنن يا هُنن ڳالهين مان خوش ٿيندو آهي. مون کي سندس ڳالهين تي بڇان پئي آئي سو مون کيس چيو، ”ادا الله سائين واضع طور فرمايو آهي ته گناه ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪڙا گناه ڪبيرا ٻيا گناه صغيرا، صغيرا گناه معاف ٿيڻ لائق هوندا آهن پر گناه ڪبيرا ڪيڏي به توبهه تائب کان پوءِ به معافي جوڳا نه آهن اوهان جو چويهه ڪلاڪ چوري ويٺا ڪريو بجليءَ جي، ڇا اوهان جا روزا ۽ نمازون خدا وٽ قبول پوندا ۽ اوهان جي عملن کان الله سائين خوش ٿيندو؟“ منهنجي ڳالهه ٻڌي هو ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو ڄڻ چوندو هجي ”اهو منهنجو ۽ منهنجي خدا جو ذاتي معاملو آهي.“ مون به وڌيڪ کيس ڪجهه نه چيو پر آسرو رکيم ته شايد هو ٻين کي پڻ اهڙو حق ڏيندو ۽ واٽ ويندي اجايو ڪنهن کي خدا جي ڏمر يا خوش ٿيڻ وارا ڏس ڏيڻ بند ڪندو. ڇو ته ”خدا ۽ ان جي بندي جو تعلق بلڪل ذاتي نوعيت جو هوندو آهي ان ۾ ٽئين ماڻهوءَ جو ڇا وڃي؟“

Category: General
Posted by: Zafar

هڪ ڀيري جي دلچسپ ڳالهه آهي ته زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران منهنجو پارٽنر رهيو ڪنڊياري جو نڪ رضا اڄڻ، هن سنڌيءَ جي خوبي اها هوندي هئي ته هو پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جو هر ممڪن جتن ڪندو هو. ان دور ۾ مان اڪثر طاقت جي هڪ دوا سنڪارا استعمال ڪندو هوس، اسان وٽ تيل جي شيشي به اهڙي ئي هئي. هڪ ڀيري رضا اڄڻ ڳوٺان ٿي موٽيو ته سڌو ويو واش روم ۾ وهنجڻ لاءِ ٻاهر جو آيو ته ڪمري ۾ اگهري ڌپ پکڙجي وئي. ان وقت نصير مرراڻي به اتي موجود هو ان به ڳالهه جي تصديق ڪئي ته واقعي ڪمري ۾ اگهري ڌپ پکڙجي وئي آهي، رضا اڄڻ چوي ڪجهه ڪونهي توهان وهمي آهيو. ٿيو ائين جو جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته جيڪو اسان ٽنهي سان ملي ته چوي ”ڇا جي ڌپ آ“ اهو جملو مسلسل هر ملڻ وارو چوندو رهيو پر رضا اڄڻ جو هر ٽائيم اهو انڪار ته ڪابه ڌپ نه آهي. ٻيهر جڏهن موٽي ڪمري ۾ آياسين ته نصير، رضا اڄڻ جي جسم کي سنگهڻ لڳو ۽ چيائين ته ڌپ هن مان ٿي اچي پر رضا پوءِ به انڪاري.. نيٺ مون کي ٿوري ڳالهه سمجهه ۾ آئي مان واش روم مان سنڪارا جي بوتل کڻي اچي نصير کي ڏني ”هي اٿئي ڌپ، رضا هن کي تيل جي شيشي سمجهي هن مان جسم تي دوا هڻي ٻاهر نڪتو آهي، نصير دوا سنگهي چيو ها واقعي اها ئي ڌپ آهي. پوءِ ته اچي کلياسين پر اسان جي سهڻي رضا اڄڻ جو چوڻ وري اهو هجي ته مون تيل هنيو آهي اوهين ڇا به چئو پر مون کي ته ڪابه ڌپ ڪانه ٿي اچي.

 

Sindhiana.com - Sindhi literature magazine