جمنا

تيج قابل

 

سج لهڻ وارو هو. آءِ سمنڊ جي ڪناري ويهي ڪجھ سوچي رهيو هوس. هوا لڳڻ سبب سمنڊ ۾ لهرون پئي پيدا ٿيون. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون ناچ ڪري رهيون هيون. پاڻيءِ جا پکي لهرن رويي جھولي لوڏي رهيا هئا.

آهستي آهستي سورج ديوتا جو رٿ اولھ طرف پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. رات جي ديويءِ پوريءِ ريت پنهنجو راڄ. اڌڪار ڄمائي ڇڏيو. آسامان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. بندر جي رنگه برنگي بتين جي روشنيءِ جي ڇايا پاڻيءِ تي پئي پيئي. اهو قدرت جو نظارو ڏسندي ڏسندي ويچارن جي ساگر ۾ ٽٻيون ڏيڻ لڳس.

اوچتو پٺيان ڪنهن اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو. پر اهڙو ڌيري جو مون کي ان جي لکائي نه پيئي. لاچار ان دوست ڪلهي تي زور سان ڌڪ هڻندي چيو_”يار، اهڙو ويڇارن ۾ محو! ٻيو ته سک آهي نه؟“

مون منهن ورائي ڏٺو، هڪ اڻ سڃاتل ماڻهو پٺيان ويٺو هو. مان ته وائڙو ٿي ويس......”هيءِ ماڻهو ڪير آهي؟ ڪٿان آيو آهي؟ نالو ڇا اٿس؟ ڪٿي مون ڏٺو ته ڪونه آهي؟“ وغيره وغيره سوال منهنجي من ۾ پيدا ٿيڻ لڳا. ليڪن انهن جو جواب مون کي هڪ به نه مليو.

منهنجي اها حالت ڏسي خود ان ئي چيو_ ”دوست تو مون کي ڪونه سڃاتو؟“ مون ان ڏانهن گھور ڪري نهاريو، مٿي جا وار گھنڊيدار هئس، جھڙا شيدين جا ٿيندا آهن. اکيون وڏيون، مڇيون ڪڍيدار، وارن جو نوڪون ڳلن تي مڇن جي برابر هيس، سندس چهرو ڏسي آءِ پاڻ منجھي پيس ته آخر هيءِ ڪير! مون کيس پنهنجي پوري سڃاڻپ ڏيڻ لاءِ چيو.

دوست مون ڏانهن پريم ڀريل نظرن سان نهاريندي پنهنجي رڳو نالو ئي مس ٻڌايو ته مون هڪدم وٺي کيس ڀاڪر پاتو ۽ پاڻ به ٻئي ٻانهون ڦهلائي کڻي مون کي قابو ڪيائين.

اوڏي مهل ٻنهي جي اکين ۾ آنسون تري آيا. اهي خوشي جا موتي هئا!

گھمڻ مهل دادو جي غريب آبادي ۾ رهندو هو. پنهنجي ڪنٽب جي پالنا هڪ ننڍڙي دڪان مان ڪندو هو. چئن ڀاتين جو ڪنٽب هو، ٻه ٻار ۽ زال مڙس، وڏي ڌي هئس ۽ تنهن کانپوءِ پٽ وڏور نياڻي گھر ۾ معنى اوڙي پاڙي وارن ۾ ڪنڊو. انهيءِ ڪري پنهنجي طاقت آهر ڏاجو ڏيئي ڪنيادان ڪيائين. سنٺ بودرام گھمڻ مل کي خاطري ڏئي ته تون ڪابه چنتا نه ڪر هڪ اک منهنجي ريلوءِ آهي ته ٻي جمنا.

ورهاڱي ٿيڻ سان گھمڻ مل احمد نگر ۾ رهڻ لڳو. اتي مارڪيٽ ۾ پاڻ ۽ سندس پٽ راچو انبن جو ڌنڌو چڱو هون، وهندڙ درياھ مان ئي سڀڪو پاڻي پيئندو آهي. سيٺ بودرام گھمڻ مل مان ڪافي کاڌو.

ڌنڌي ۾ لاهيون چاڙهيون اچڻ لڳيون. سندس ڌنڌو ويو آهستي آهستي موڙو ٿيندو. ايتريقدر جو گھر جو خرچ به مشڪل سان نڪرندو هوس. ڀلا اهڙي حالت ۾ ڌيءِ کي ڏڻ ڪٿان ڏئي؟

هولي ويجھي هئي، بولي گھمڻ مل کي چيو_ ”هولي ويجھو آهي، ڪجھ وٺي اچو ته نياڻي لاءِ ٺاهيون.“ ٻارھ ماهو ڏينهن آهي، نياڻي جي مک ۾ به ته ڪجھ نه ڪجھ پوڻ ئي گھرجي.“ گھمڻ مل جي ڄڻ آتما چئي اٿي_”پياري اهو وقت هيئر نه آهي، نياڻيءِ کي ڏيڻ ۾ ڪير بج آرهو نه ٿيندو، پر هٿ ۾ به ته ڪجھ هجي نه.“

هوليءِ جي ڏينهن جيڪو ٿي سگھيس اهو ڌيءِ کي موڪليائين، ڀاءِ خوشيءِ مان ڀيڻ وٽ هولي جي ڏڻ کڻي ويو. ماسڙ، ماسي ۽ وڏي ڀيڻ کان هوليءِ جو آشرواد ورتائين.

هڪ ٻئي کي گلال هنيائون، ڀيڻ سڪ مان ڀاءِ کي جليبي وڌي، پر..........

سس ڏائڻ نهن کي ڏڀڻ لڳي! اٿندي ويهندي، ”سڃئي سکڻي جي ڌيءِ، اسان کي ڪهڙي خبر هئي ته ماڳهين ائين کٽل آهن. منهنجي سون جھڙي پٽ کي ٻه هزار ٿي مليا، مون اهي به قبول نه ڪيا، مون سمجھيو ته هي آڪاهتا آهن ضرور پاڻ کان سونو تلڪ ڏيندا. پر ان وقت ته ”ٺولهي جو ڏيڍ“ ڏيئي کڻي جند ڇڏايائين ۽ اسان به کڻي ماٺ ڪئيسين، سوچيوسين ته هيئر هڪ گھر آهيون. هن جي گلا سان اسان جي گلا، اسان جي گلا هنن جي گلا، انهي ڪري اسان ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍيسين، پر هيءِ ته اصل وڃي ٿو پاڻ کي ڪارو تلڪ ڏيندو، مان جو شهر ۾ ويٺي کاوان سو به بوجو ته مون کي ئي لاهڻو آهي، اهو مان ڪٿان لاهينديس؟“

جمنا سس جا مهڻا سهي سهي ڏٻڙي ٿي ويئي. ڇا ڪري؟ مائٽ غريب ڏيئي ڪجھ نه سگھن. جمنا ڏينهون ڏينهن ڳرندي ويئي. هن گھڻو ئي چاهيو ته مائٽ مون کي گھرائين ۽ مان ڪي ڏينهن اتي خوشي ۾ گذريان. ليڪن گھمڻ مل کي ايتري طاقت نه هئي جو ڌيءِ کي لڪائي. باقي راچو ڪڏهن ڪڏهن ڀيڻ وٽ ويندو هو. ڪجھ وقت ويهي خوشين جون ڳالهيون ڪندو هو. جمنا ڀاءِ کلي ڳالهيون ڪري ٿورو وقت ته خوش رهندي هئي. مگر ان جي وڃڻ کان پوءِ اهي ئي لاٽون اهي ئي چگھ!

مارڪيٽ ۾ جنهن ڌڻي جو دڪان هئو، ان خالي ڪرايو سو ويچارو وڃي ته وڃي ڪيڏانهن! ڪنٽب جي پالنا ته ڪرڻي ئي آهي. آخر ڍنڍو شهر ۾ پڙي لڳائي ويٺو. مڙيوئي پيو گذران ڪندو هو.

چوماسي جي ڏينهن هئا ريلو ڪنهن ڪم سان ٻاهر وڃي رهيو هو چوڌاري جل مئي لڳي پئي هئي. ڌرتي تي اکين ٿي ڏسڻ ۾ آئي. ندين جو پاڻي پلن سان اچي ٽڪرايو هو. ڪٿي ڪٿي ريلوي لائين کي گھارا به وجھي ڇڏيا هئائين.

گاڏي پوري رفتار سان هلي رهي هئي. اچتو پل تي زردار آواز ٿيو ۽.........

اڙي! هي ڇا! گاڏي جا گاڏا پاڻي ۾ لڙهندا پيا وڃن! ماڻهن جون هنياءِ ڏاريدڙ ڪيڪون  پيئو ٻڌجن. ماتائن جا لکن جا لال دريا شاه جي گود ۾ پيا کيڏن. پتي پنهنجي پتنين جو سهاڳ مٽائي بنا ڪنهن اطلاع جي، بادلن جي پٺيان لڪي وري درشن ڏيندڙ چندرما وانگر ڪڏهن پاڻي ۾ اندر ته ڪڏهن ٻاهر پنهنجي پتنيءِ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي پاڻي جي مٿاڇري تي ترندا، پنهنجي منزل ڏانهن پيا وڃن!

محبوب نگر ڀرسان هڪ پل تي گاڏي جا ٻه _ چار گاڏا ڪري پيا، انهي دکدائڪ واقعي جي خبر ڀارت جي سڀني ننڍين وڏين اخبارن ۾ شايع ٿي. سڀڪو پنهنجي پنهنجي ڀاتي جي پڇا ڪرڻ لڳو. سيٺ بودرام به پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي خبر وٺڻ چاهي، ليڪن ڪٿان به کيس ڪا خاطري نه ملي.

جمنا جو ته کاڌو پيتو به حرام ٿي ويو. پرماتما در وينتي ڪرڻ لڳي ته منهنجي سهاڳه جو وار به ونگو نه ٿئي. کائنس جيڪي سنڪلپ ٿي سگهيا، سي ڪيائين.

ٻن ڏينهن کانپوءِ ڌڙن ڏڪائيندڙ خبر بودرام کي ملي ته.........جمنا ته مورڇت ٿي زمين تي ڪري پئي. ماتا، جنهن پنهنجي ٻالڪ کي پيٽ ۾ سانڍيو، پنهنجو پويتر کير پياريو، گود ۾ کيڏريو، اها ڀلا ڪيئن ٿي خاموش رهي سگھي؟ سدوري جا ٻئي هٿ گوڏن ۾ منهن تي ائين تيز هلڻ لڳا. جيئن ڪپڙي اڙڻ وقت ڄاري!

پتي جي موت کان پوءِ جمنا جي حالت پتجھڙ جي وڻ وانگر ٿي ويئي. هن لاءِ هلڻ به محال هئو. ليڪن گھر جو ڪم ته کيس ئي ڪرڻو هو. هڪ پتي جو وڇوڙو، ٻيو گھر جو بوجو مٿان ۽ ٽيون وري سس سدوري جا ذهري تير!

جمنا چاهيو ته مان سس سهري جي سيوا ڪري فرض پاليان، مگر ڏائڻ سس ائين ڪرڻ نه ڏنس. روز به روز اهي ئي طعنا ۽ تنڪا، جيڪي سهي سهي سندس ڇاتي ئي ڇڏي پيئي. مگر پنهنجي مائٽن جي خاندان جو خيال ڪري پنهنجي ٻٽيهن ڏندن مان هڪ اکر به ڪونه ڪڇيائين. آخر  اها نوبت اچي بڻيس جو ڏينهن ساهرو گھر ڇڏي پيڪي گھر وڃڻو پيس!

گھمڻ مل هر آرتوار تي ڀيما نديءِ جي ڪناري تي پڙي لڳائي ويهندو هو ۽ باقي هفتي جا ڏينهن احمد نگر مان انب وٺي ڍونڍ ۾ وڪڙندو هو.

جوان ڇوڪري، شڪل صورت به واھ جي هئس! پتي پتني جو چوڪيدار سمجھيو ويندو آهي. پر جمنا کي ته ننڍي عمر ۾ ئي ان کان محروم رهڻو پيو! سماج کي جيئن پئي وڻيو تيئين ٿي چيائون. هون به غريب تي سڀ ڪنهن جي سڏ ٿيندي آهي. ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بوليءِ جا ڪن ئي ڪڙهڻ لڳا هئا. جمنا مائٽن جي حالت ڏسي جنسي زندگيءِ مان بيزار ٿي چڪي هئي.

اڄ گھمڻ مل جو گھر پسو پئي لڳو. سڀني جا منهن لٿل هئا. گھر ۾ ڪي زالون جمنا کي آٿت ڏيئي رهيون هيون. پر هن جي اکين مان آنسو سهيادري جبل جي جھرڻي وانگر جھر جھر ڪري پيئي وهيا. مٺي جيجل ۽ امڙ جي جدائي جا ورلاپ پئي ٻڌڻ ۾ آيا!

چئن ڄڻن بوني جي لاش کي کنيو.

ٻارنهن ڏينهن تائين گھمڻ مل ۽ راچوءِ کي ڌنڌو بند ڪري هڪ جڳھ تي ويهڻو پيو. ٿورا گھڻا جيڪي مٽ مائٽ هئن انهن مان جيڪي ويجھا ها، سي ته سڀ اچي چڪا هئس. پري وارن لاءِ اچڻ ئي مشڪل هو. ڇو ته ريلوي ديوي کي جيڪا ڏکڻا گھرجي، سا ڏيڻ جي طاقت انهن ۾ ڪا نه هئي. باقي ويجھن عزيزن مان نه آيو. سو هو بودرام!

شو جو ڏينهن هو، ٻئي پيءِ پٽ صبح سويل ئي اٿي منڊي ۾ هليا ويا. جمنا ماءِ جي مرڻ کانپوءِ ڪافي ٻڌي چڪي هئي، ان ڪري هن ظالم دنيا کان ڇٽڻ ٿي چاهيو. ويچاريندي ويچاريندي هوءِ ويچارن جي ساگر ۾ ٽٻيون ڏيڻ لڳي. کن ساعت ۾ ٿورو مشڪائين ۽.......

ان وقت گھمڻ مل ڌيءِ جي لاءِ ڪجھ وٺي آيو ۽ چيائينس ”هيءِ اٿيئي مٺائي، شو راتريءِ جو ڏينهن آهي، نياڻي کي به ڏي ۽ تون به کاءِ.“

جمنا هلڪي مسڪراهٽ منهن تي آڻي چيو ”بابا اڄ شو جو ڏينهن آهي، منهنجي مرضي آهي ته مان ڀيما نديءِ ۾ ٽٻي ڏيان.“

پيءِ ڀلا ڌيءِ جو اهو انگل ڪيئن نه سويڪار ڪري! هن کي ڪهڙي خبر ته ٽپيءِ جي معنى اندروني ڪا ٻي آهي، جمنا کي ساڻ وٺي سڌو نديءِ تي ويو. پهرين جمنا ننڍيءِ پاڻي ۾ ٻه ٽي ٽٻيون ڏنيون، مگر هن ظالم سماج کا ڇٽڻ ٿي چاهيو! جنهن ۾ انسان جي عزت سلامت نه آهي! هوءِ آهستي آهستي اڳتي وڌندي ويئي ۽ هڪ چلاهٽ ڪري جل ۾ انتر ڌيان ٿي ويئي! گھمڻ مل اوڏانهن وڃي ڌيءِ کي بچائڻ جي گھڻي ئي ڪوشش ڪئي. مگر جيستائين هو پهچي ئي پهچي تيستائين جمنا ٻه ٽي غوطا کاڌا ۽ سندس پراڻو پکيئڙو اڏامي ويو!

پوليس واردات تي آئي، سڄو ڪيس ٺاهيو ويو. لاش ۽ گھمڻ مل کي پوليس لاريءِ ۾ چاڙهي ٿاڻي ڏانهن نيو ويو. پر جن جي هٿن ۾ گھمڻ مل جمنا جو هٿ نه ڏنو، سي ڪيئن ٿي شانت رهي سگھيا! اهي به لاريءِ ۾ چڙهي انهن سان گڏ رونا ٿيا. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري اگني سنسڪار ڪيو ويو. پوليس گھمڻ مل ۽ شاهدن جو بيان وٺي سڄو ڪيس ڪورٽ ڏانهن موڪليو. شاهدن جي بيانن گھمڻ مل جي هٿن ۾ هٿڪڙيون وجھايون!

اها خبر کستوري جي سڳند وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي ته هڪ سنڌي پنهنجي ڌي کي نديءِ ۾ ڦٽو ڪيو! اها خبر ٻڌي راچو يڪدم ٿاڻي تي ويو، انسپيڪٽر کي گھڻو ئي سمجھايائين، پر هن هڪ به ڳالھ نه ٻڌس. راچوءِ جي اندر ۾ آواز آيو ”ڀڳل؟ تو وٽ پئسو آهي؟ تنهنجي ڪا سفارش آهي؟؟ تون ڪڏهن پنهنجي انسانيت کي وڪڻي پوليس جو پڇ لٽڪائو ٿيو آهين؟؟؟ هتي انهن جي هلندي پڄندي آهي! تنهنجي قيمت ئي ڪهڙي آهي!!

ڪورٽ جي اندر گھمڻ مل ڏوهاري جي روپ ۾ بيٺو هو. پاڻ پنهنجي صفائي ته ڏنائين، ليڪن شاهدن جي ڪوڙين شاهدين 12 سالن جي سزا ڏياريس!

راچوءِ ڪورٽ جي ٻاهران وڻ سان ٽيڪ ڏيئي بوتي وانگر بيٺو هو. جڏهن سزا جو ٻڌائين تڏهن ڪي به فڪر جا آثار هن جي چهري تي ڏسڻ ۾ ڪون آيا. پيءِ سان ملاقات ڪرڻ کان بنان ئي اتان اٿي هليو ويو. ماءِ مري ويس، ڀيڻ آپگهات ڪيو ۽ پيءِ کي ٻارنهن سال سزا ملي. هاڻي هن جو باقي ڪير هو. جنهن لاءِ ڳڻتي ڪري! گھر جا سامان وڪڻي، مسواڙ چڪائي، باقي بچيل پئسا ۽ فراسي   چادر کڻي بمبئي روانو ٿي ويو.......

         

 

Back