شاھ
لطيف بحيثيت
رهبر شاعر
ستار
سومرو
ڪنهن
به ملڪ، قوم
يا ڌرتيءِ جو
ٺهيل ٺڪيل
تعارف ان قوم
جي ڪجھ عظيم
ڪارنامن،
يادگيرن،
تهذيبن ۽
ثقافتي آثارن،
عظيم شهپارن
سان گڏوگڏ
ڏاها، عالم،
اديب، مفڪر،
دانشور ۽ عظيم
شاعر به هوندا
آهن.
جنئن
دنيا جي عظيم
اڳواڻ جواهر
لال نهروءِ
چيو آهي ته ڪنهن
به ملڪ ۽ قوم
جي سڃاڻپ اتان
جاحڪومت ڪندڙ
سياستدان نه
بلڪ اتان جا
فلسفي اديب ۽
شاعر هوندا
آهن. وري ٻئي
مفڪرجان ڊيوي
چيو آهي ته شاعر
۽ اديب ڪنهن
به سماج جا
تسليم شده
قانون دان هوندا
آهن. سنڌ ڌرتي
به دنيا جي
گولي تي اها
ڀاڳن ڀري ۽
خوش قسمت ڌرتي
رهي آهي، جنهن
جي سائي ڪک ۽
سدا شاد آباد
سرزمين مان
شاه لطيف جهڙو
عظيم ۽ لازوال
شاعر ڏاهو،
سياسي ۽ سماجي
مفڪر، سچو محب
وطن، عوام
دوست،
انقلابي،
آزاد، روشن
خيال، ترقي
پسند، عدل ۽
انصاف ڀري
سماج جو
علمبردار،
امين ۽ پيار
جو پيغمبر
هيٺين ۽ مظلوم
طبقي جو حامي
شاعر پيدا
ٿيو. جنهن جي
سموري شاعري ۽
زندگيءِ جو
محور ۽ مرڪز
سنڌ ۽ سنڌي
ماڻهن جي
آزادي،
خوشحالي ۽
قومي بقا رهي
آهي، جنهن جي
سدا روشن فڪر
۽ عالمي پيغام
۾ پنهنجي وجود
جو احساس،
قومي ۽ شخصي
تعمير، مسلسل
جدوجھد،
عالمي
ڀائيچارو،
ڌرتيءِ سان
لفاني عشق،
سنڌي ماڻهن جي
ذهني آزادي،
عزت، آجپو،
وقار ۽ ترقي
سان گڏ
انسانيت پرست
فلسفو به
موجود آهي.
سائينم
سدائين ڪرين
مٿي سنڌ سڪار
دوست
مٺا دلدار
عالم سڀ آباد
ڪرين
شاه
جو جنم سنڌ جو
ٻيو جنم آهي،
لطيف اهو عظيم
۽ سنڌ جي عاشق
شاعر آهي. جنهن
پنهنجي
شاعري، فڪر ۽
عظيم تخليق ۽
سنڌ کي ڊسڪور
ڪيو آهي. سنڌ
جي عظمت،
تقدس، سنڌ جي
تاريخي سڃاڻپ
۽ حيثيت سان
گڏو گڏ سنڌ جي
سياسي، سماجي،
تهذيبي،
ثقافتي ۽
تاريخي شعور
کان به باخبر
ڪيو آهي.
اهوئي سبب آهي
جو شاه جو
رسالو سنڌ جي
سموري سياسي،
سماجي،
ثقافتي،
اقتصادي ۽ جاگرافي
تاريخ جو
لازوال دستاويز
آهي يا ائين
چئون ته شاه
جو رسالو سنڌ
۽ سنڌي ماڻهن
جي قسمت ۽
تقدير جو کليل
ڪتاب آهي.
بقول سنڌي
ٻولي جي ماهر،
عالم ۽ ناول
نگار سراج جي
ته ”شاه نه رڳو
اسان کي
پنهنجي شعر
ڏنو اسان لاءِ
صديون اڳ جي
شعر ڏنو پر
اسان لاءِ
صديون اڳ جي
شعر و ادب کي
به محفوظ ڪيو
آهي.“ وري سنڌي
ٻولي جي ٻئي
ممتاز عالم ۽ دانشور
سائين
ابراهيم جويي
جي ته شاه جو
رسالو دنيا جي
جملي مذهبي
تعليم جو نچوڙ
۽ سنگم آهي، ان
۾ گيتا، ٻڌ
ڌرم، جين مت،
مسيحت ۽
اسلامي تعليم
جا اهم ۽ اعلى
سڀئي قدر
موجود آهن.
جي
تون بيت
ڀانئيا، سي
آيتون آهين،
نيو
من لاهين
پريان سندي
ڏي.
شاه
لطيف پنهنجي
تاريخي،
پيراڻي ۽
وڏاڻي گادي کي
ٺڪرائي
گودڙيون ڪلهي
تي رکي تنبوري
جي تارن کي
ڇيڙيندو سنڌ جو
چپو چپو، وستي
واهڻ، ڳوٺ
ڳوٺ، جبل
پهاڙ، گھمندو
ڦرندو ۽
لتاڙيندو رهي
ٿو. صرف ان ڪري
جو شاه وٽ سنڌ
جي ترقي،
خوشحالي، امن
۽ آزادي جا حسين
۽ خوبصورت
خواب آهن.
شاه
هڪ مذهب، اعلى
اخلاق،
ثقافتي قدرن
سان مالا مال
عزت ۽ عدل
ڀريئي سماج جو
اڏيندڙ آهي.
جنهن لاءِ هو
بهتر ڪردار، عمل
۽ بهتر تربيت
جي چونڊ ٿو
ڪري، جنهن سان
مهذب ۽ مثالي سماج
جي معاشري جي
اڏاوت ۽ تخليق
ممڪن آهي.
هلو
هلو ڪورئين
نازڪ جنين جو
نينهن.
ڳنڍ
سارو ڏينهن
ڇنڻ مور نه
سکيا،
هلو
هلو ڪاڪ ٽڙين،
جتي نينهن
اڇل.
نه
ڪا جھل نه پل
سڀڪا پسي
پرينءِ کي.
شاه
لطيف جي زندگي
جو مقصد جيڪو
شاه لطيف پنهنجي
تاريخي شعور
جي روشنين جي
گهري ادراڪ ۽
وسيع مطالعي ۽
مشاهدي مان
ٻڌايو آهي ته
آزادي هر
انسان جو بنيادي
۽ پيدائشي حق
آهي، جنهن
انسان کي
پنهنجي قوم،
ڌرتي ۽ ڌرتي
جي مظلوم
ماڻهن محبت ۽
پيار ناهي،
اهو خود غرض،
لالچي ۽ مطلبي
ماڻهن آهي ۽
ان جي زندگي
جو ڪو به ڪارج
۽ مقصد ناهي.
لطيف
انهن لاءِ چيو
آهي ته:
سڄڻ
۽ ساڻيھ ڪنهن
اڻاسيءِ
وسري،
حيف
تنين کي هوءِ
وطن جن
وساريو.
لطيف
ازم اسان کي
خلق خدمت،
محبت،
انسانيت، حصول
عام، جدوجھد
حق، تصوف، عدم
تشدد، عالمي
امن، انساني
همدردي مقصد سان
سچائي، ايڪو،
اتحاد،
برابري اعلى
اخلاق، بهتر
ڪردار، نيڪي،
خير، حسن ۽
خود شنائي جو
بهتر رستو
ٻڌائي ٿو،
جنهن ۾ انسان
جي ذاتي ۽ قومي
نجات ۽
ڇوٽڪارو رکيو
آهي، شاه سنڌي
قوم جو رهبر ۽
رهنما شاعر
آهي. جيڪو پنهنجي
شاعري ۾ وطن ۽
قوم جو درد،
پيڙا، ڏک، سور،
تڪليفن، کوڙ
سارن مسئلن ۽
موجھارن جو
ويڄ ۽ سچو
مسيحا آهي. شاه
پنهنجي قوم جي
ترقي،
خوشحالي، سک ۽
سلامتي لاءِ
هر وقت فڪر
مند رهي ٿو.
قوم کي مايوسي
۽ نااميدي جي
ڌٻڻ مان ڪڍڻ
جي ڀرپور ڪوشش
ڪري ٿو، شاه
ڪڏهن به مايوس
۽ دل هارڻ جي
ڳالھ نٿو ڪري،
بلڪ هميشه
زنده دليءِ
سان جيئڻ ۽
اڳتي وڌڻ جي
جرئت ۽ همت جو
سبق ٿو ڏي ته:
سو
ڪوھ ڪري سڀڪا،
تون کهي کڻج
وک
تاڻج
منجھان تک ته
پنڌ پاسي ڀر
نيري
شاه
جي سٽ سٽ ۾ اسان
لاءِ رهبري ۽
هدايت جا اصول
۽ زندگي گذارڻ
جا قدر موجود
آهن. شاه هڪ
ڪامياب زندگي
لاءِ عمل ۽
جدوجھد جي ميدان
۾ ثابت قدم
رهڻ، ڪڏهن به
پوئتي نه هٽڻ......
پنهنجي قول ۽
فعل سان سچو
رهڻ، پنهنجي
مقصد ۽ آدرش مٿان
قربان ٿي وڃڻ
جي تلقين ۽
هدايت ٿو ڪري
ته:
کهو
جا کنيائين،
وک تنهن ويجھي
ڪئي،
ڇڪي
ڇنائين پنڌ
مڙوئي پٺ جو
جاپاني
چوڻي آهي ته:
ترجمو:
”هزارن
سالن جي سفر
جي شروعات
پهرين وک سان
ٿيندي آهي.“
اسان
جي رهبر شاعر
شاه لطيف به
اهو سمجھايو
آهي ته صبر ۽
سهپ، سچائي،
ايمانداري ۽
مقصد جي ڪمينٽمينٽ
سان اڳتي وڌو،
زندگي اڳتي آهي.
هار نه مڃو،
ويهي نه رهو.
توڙي
ولاڙون ڪرين
توڙي هلين وک،
لکي
منجھان لک ذرو
ضايع نه ٿئي.
شاه
سنڌي قوم جي
ترقي،
خوشحالي،
تعمير ۽ اڏاوت
۾ جيڪي جدوجھد
جا ڏس، گس، اصول،
ضابطا ۽ قدر
ٻڌائي ٿو،
انهن ۾ اسان
جو قومي تشخص
۽ قومي بقا
ملي ٿي.
جيئن
شاه سمجھايو
ته:
ڀڳو
ئي پير، جانين
رتو راس ٿئي،
بري
بيڪاريءِ
سين، هاري هڏم
هير.
ڪت
ڪيتديون ڪير،
نئين سي نه
ڄاڻجي.
لطيف
ازم قومي حقن
جو پاسدار ۽
اسان جي
سياسي،
سماجي،
اخلاقي،
تهذيبي، اقتصادي
۽ جاگرافيائي
قدرن کان
باخبر ڪندڙ آهي.
شاه جي فڪر
هيٺ اسان
پنهنجي ماحول
کي پرسڪون اڻ سهپ،
طبقاتي
برادري ۽
بدامني کان
پاڪ ۽ صاف بڻائي
سگھون ٿا. هونئن
به شاه جو فڪر
طبقاتي نظام،
جاگيرداري ڪلچرل
۽ وڏيرڪي روين
خلاف هڪ تحريڪ
جو نالو آهي.
جنهن جي خاتمي
سان سنڌ جي
خوشحالي،
ترقي، سک ۽
سلامتي ممڪن
آهي. پر لطيف
اهڙي روشن
خيال ۽ آزادي
پسند سماج لاءِ
هي ڏس ڏئي ٿو:
جان
جيئن تان جل، ڪانهي
ڪا جاءِ ريءِ
تتي
ٿڌيءِ هل،
ڪانهي ويل
ويهڻ جي.
شاه
پنهنجي فڪر ۽
عالمي پيغام ۽
اهو به سمجھايو
۽ ٻڌايو آهي
قومي ۽
اجتماعي مفاد
ذاتي ۽ شخصي
مفادن کان
مٿاهان ۽ عظيم
ٿين ٿا. ان ڪري
ذاتي مفاد قومي
مفادن مٿان
قربان ٿيڻ
گھرجن، ڇوءِ
ته قرباني کان
سوءِ ڪنهن
شيءِ جو حاصل
ٿيڻ نا ممڪن
آهي. بلڪ
قرباني سان ئي
ڪنهن به ملڪ ۽
قوم جي ترقي
ممڪن آهي. ڇو
ته فنا ۾ ئي
بقا رکيل آهي.
اهڙي عظيم
جدوجهد لاءِ شاه
هي ڏس ڏنو آهي
ته:
تتي
ٿڌي ڪاھ
ڪانهي، ويل
ويهڻ جي،
متان
ٿئي اونده پير
نه لهين پرين
جو.
مطلب
ته شاه جو
ڪلام انساني
احساسن،
جذبن، امنگن،
مسئلن، اميدن
کان فطرت جي
حسين ۽ دلڪش
نظارن تائين
ڪائنات جي
ڊگھي ۽
مجھائيندڙ
فلسفي کان
زميني حقيقتن
تائين عشق، انقلاب
۽ رومانس کان
ايندڙ وقت
تائين زنده آهي
۽ زنده رهندو.
بقول
شاه لطيف ته:
جئان
وهي تئان واٽ،
ڪپر پڇن
ڪوڙيون،
جن
کي سڪ ساهڙ
جي، سي گھيڙ
پڇجن نه گھاٽ.
جن
کي عشق جي
اساٽ، سي واهڙ
ڀانئن وکڙي. (شاه)