غزل

 

ڊاڪٽر قربان جھتيال

کڻي محبت جي ڀري ڀري ٿو اچان،

تنهنجي در تي وري وري ٿو اچان.

ستم زماني جا ته کٽڻ ئي نه ٿا،

رب ڄاڻي ته مان مري مري ٿو اچان.

تو جي ارپيا گيت سڀ ياد هن،

ساھ ۾ سانڍ ذري ذري ٿو اچان.

عشق جي بحر جو پاڻي تانگھ آ پرين،

پر جذبن سان ڪيئن تري تري ٿو اچان.

تنهنجي سونهن جا ڏيئا ٻرن ٿا روح منهنجي ۾،

ان تاب ۾ سچ ٻري ٻري ٿو اچان.

متان هن ”قربان“ کان منهن موڙين پرين،

تڏهين ته هر بار ڏري ڏري ٿو اچان.

 

 

 گيت

آتش سنڌي

درد ڪيھ ۾ اڃان گونجي پئي،

ڪنهن جي فرياد گھٽائن اڃان گونجي پئي.

عڪس ڪنهن جو هي افق ماڳ مٿي ڇانيل،

خود ڪنهن جو هي شفن ڀاڳ مٿي ڇانيل آ.

سرخ هر شام ردائن ۾ اڃان گونجي پئي.

ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ٻڌو ڀي ضرور هوندو ڪٿي،

ڪو ڪٺو ڪو ته مٺو ڀي ضرور هوندو ڪٿي،

ڪنهن جي ڪائنات ڪٿائن ۾ اڃان گونجي پئي.

ڏوھ ڪنهن جي جون سزائون اڃان ڪو ڀوڳي پيو،

بي وفائي جو وفائون اڃان ڪو ڀوڳي پيو

آھ مظلوم صدائن ۾ اڃان گونجي پئي.

تون ڪهڪشان جي ستارن جي ٽٽل گونج ته ٻڌ،

تون فلڪ بوس پهاڙن مان فٽل گونج ته ٻڌ،

جوءِ جي جوک جفائن ۾ اڃان گونجي پئي.

ڪاش ”آتش“ هي مهم جو سرير جاڳي پئي،

زندگي آلوده ذهن ۽ ضمير جاڳي پئي،

غيرت سنڌ قضائن ۾ اڃان گونجي پئي.

 

Back