غزل
حنيف
عاطر
پٿر
مزاج وارو،
هي
شهر آهي سارو.
ڪو
مرتبو سڃاڻي،
انسانيت
جو يارو.
سودي
سچائي جي ۾،
پئجي
ويو خسارو.
هڪ
رات آهي ڪاري،
ٻيو
هن جو ويس
ڪارو.
مان
ڪو ڏيئو
اجھاميل،
هو
چمڪندڙ ستارو.
ڪو
ڪيستائين
پيئندو!
پاڻي
اکين جو کارو!
تنهنجي
ڪرم نوازي.
راتيون
ڊگھيون وڇوڙو!
چئو
ڪٽجي ڪيئن
سيارو؟
اکڙين
مان لڙڪ
اڀريا،
گھايل
ڏسي نظارو.
ڪافي
آ زندگي لئه
نيڻن
جو ڪو اشارو
مون
کي ڏسي جھليو
هن،
ڇو
روڊ جو ڪنارو؟
هڪ
مئڪدي جو در
آ،
ٻيو
ڪو به ناهي
چارو.
عاطر
سکن جو مون کي
ڏي ڪو
وکر اڌارو.
مهرونه
ڏاهري
تتل
ڏينهن تنها
لام تي ڳيرو،
ويران
واٽون، ڪوئي
نه پيرو.
وڇڙي
ولر کان سوچ ۾
آ،
هجڻ
گھرجي من
آئيني جان.
تن
جھڙو تهڙو
ميرو سيرو،
ٺڪائن
جي دهشت کان
اڏاڻا.
ڪيڏانهن
الاءِ ڇڏي
آکيرو.
مايوس
نه ٿيو مهرو
نه ڪڏهن به،
هو ڏس
اجھو ٿيو
سوير.
رحيم
گل قمبراڻي
درد
مليو آ پيار
جي خاطر،
ڇا ڇا
نه سٺو آ يار
جي خاطر.
لوڪ
سڄو تضاد رکي
ٿو،
چين
ويو قرار جي
خاطر.
سڏڪا
صدما لڙڪ مليا
مون،
مرڪ
خوشي مهڪار جي
خاطر.
اجڙي
ويا سڀ دڳ
نيڻن جا،
ڏک
مليا دلدار جي
خاطر.
خواب
اڌورا رهجي
ويا سڀ،
گل
پرين گلزار جي
خاطر.
زبيده
ناز
پرين
جي شهر ۾ سڄي
رات جاڳيس،
ڄڻ
درد نگر ۾ سڄي
رات جاڳيس.
ڪري
پيار پوءِ ڇو
وساري ڇڏيو
تو،
انهي
فڪر ۾ سڄي رات
جاڳيس.
چيو
تو اچڻ جو مگر
ڪونه آئين،
وجھي
ديدون در ۾
سڄي رات
جاڳيس.
پرين
نانءَ منهنجي
کان نفرت آ تو
کي،
مان
تنهنجي ذڪر ۾
سڄي رات
جاڳيس.