مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي

طلب آ تنهنجي، سدا تات پيارا

ٿو روئندي گذاريان، سڄي رات پيارا.

تصور ۾ تصوير آهي سدائين،

اٿم نلم تنهنجو سدا وات پيارا.

اهو وقت ڪهڙو هئو مثل جنت،

دريءَ مان چيئي جو مون کي هات پيارا!

تنهنجي وصل لئي روز شب ٿو پڙهان مان،

دما دم دعائون ۽ صلوات پيارا.

”اديب“ ۽ ضعيف آهيان جڏهن طالب،

نه ڪر پوءِ تون ڌار، هيهات پيارا.

 

خواجه شمشير الحيدري

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالھ ڪر،

مون سان نه زندگي جي بهارن جي ڳالھ ڪر.

آهن پسند مون کي خزان جو نوازشون،

اي همنشين ! نه مون سان بهارن جي ڳالھ ڪر.

آئي نه راس مهرو محبت جي زندگي،

ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالھ ڪر.

اي دوست منهنجي تشنگيءِ ديد کي ته ڏس،

دامن ڪش نگاه، نگارن جي ڳالھ ڪر.

منهنجي اڳيان گلن جي وفا جو نه ڳالھ ڪر،

ها، پر سبيل تذڪره خارن جي ڳالھ ڪر.

ميخانهءِ جھان ۾ لٽائي شراب زيست،

اي دوست! زندگيءَ جي بهارن جي ڳالھ ڪر.

 

”عزيز“ ڏوڪري وارو

اچين ته هيڪلو اچ، غير يار ساڻ نه آءَ،

خدا جي واسطي،ان سان ٿي همڪنار، نه آءَ.

متان لڳي وڃي ساري چين کي آتش عشق،

اگھاڙي منهن سان چمن ۾ اي گلعذار، نه آءَ.

ڏسي پري کان ئي تنهنجو، هي خنجر ابرو،

ڪسڻ کان اڳ ۾ ڪسي ويو هي دلفگار، نه آءَ.

وڌي وڃي نه هيءَ بيتابي ۽ پريشاني،

بنائي پنهنجو ته زلفن کي تابدار، نه آءَ.

خزان جي وقت ئي ڦاڙي ڇڏيم گريبان کي،

مان هاڻي ڇا کي ڪندس چاڪ اي بهار! نه آءَ.

مرڻ کان بعد ته ڪر ڪين خوار ڪانڌين ۾،

سندم جنازي پٺيان بنجي اشڪار، نه آءَ.

جي ايندين تون ته هليو ويندو انتظار سندءِ،

جياري مونکي ٿو هي تنهنجو انتظار، نه آءَ.

چڪن ٿا چاڪ سندم لاش جا، ڏسي توکي،

شهيد ناز جي تربت تي بار بار، نه آءَ.

قريب منهنجي”عزيز“ نه اچ نصيحت لائي،

متان جلائي ڇڏئي آه شعله بار، نه آءَ.

 

 

Back