ٻوري ۾ بند

لياقت رضوي

پراڻي فرش تي پيل ٻوريءِ ۾ هڪ ٻلو بند هو. خوشگور ڏينهن جو خالي آسمان، تمام وسيع ۽ روشن هئو. سورج ۾ گھڻي تپش ڪانه هئي. مون اسڪول مان موٽندي، بي انتها خوشي سان سوچيو هو ته، امان کي ٻڌائيندس ته اڄ مون اسڪول ۾ تقرير ڪرڻ تي انعام کٽيو هو ۽ اهو ٻڌائيندس ته ڪيئن سائين يامين پاڻ مٿي اسٽيج تي اچي، پينسل انعام ڏني. جيڪا هڪ طرف کان ڳاڙهي ۽ ٻئي پاسي کان نيري آهي. مون کي پڪ هئي ته امان ڏاڍي خوش ٿيندي. چار مهينا سترهن ڏينهن اڳ، جڏهن مان چوٿين جماعت ۾ پهريون نمبر کڻي پنجين ۾ آيو هوس ته امان ڪيڏي خوش ٿي هئي. پاڙي جي سڀني ٻارن ۾ کٽمٺڙا ورهائڻ کان سواءِ، امان مون کي خرچي به ڏني هئي. اسڪول مان موٽندي مون اهو به سوچيو هو ته انعام واري پينسل، مان بتول کي ڏيکاري چيڙائيندس، ۽ جي هن پينسل کي هٿ لاٿو ته سندس ڄنڊا پٽيندس، ڇو ته هو هئي ته منهنجي ڀيڻ پر ٻه سال وڏي هئڻ ڪري، مون کي رڳو ماريندي هئي. ادا هن کي اسڪول پڙهڻ کان جھلي ڇڏيو هو. جنهن جون ڪسرون هو مون مان ڪڍندي هئي.

گھر پهچڻ سان مون ڏٺو هو ته پراڻي فرش پيل ٻوريءِ ۾ هڪ ٻلو بندو هو. جنهن جي پاسي کان بتول، ٻوريءِ ۾ ٻلي کي ڦٿڪندو ڏسڻ ۾ محو هئي. مون کان پنهنجا سڀ ويچار وسري ويا، مون تڪڙ ۾ دروازي مان ڊوڙ پاتي هئي. جنهن جي ڪري چانئٺ تان ٿاٻو کائي اچي آڳر ۾ ڪريو هوس. منهنجي کيسي پيل پينسل پري وڃي ڪري هئي. توڻي منهنجي ٺوٺ به رهڙ جي وئي هئي پر مان بنان دير اٿيو هوس ۽ اچي ٻانهن کان ڇڪي، بتول کي پاسي ڪيو هوم. جنهن تي بتول رنڀاٽ ڪري روئڻ لڳي هئي.امان رڌڻي مان رڙ ڪندو چيو هوم ته، ڇو ٿو ڀيڻ سان وڙهين؟ هيڏي آ، اچي ماني کاءِ.

ظاهر آهي جيسينتائين آڳر ۾ ٻوري رکيل هئي ۽ جيسينتائين ان ۾ ٻلو بند هو ته مون کي بک ڪيئن پئي لڳي سگھي؟ ۽ جي لڳي به هجي ها ته به مان ٻوري کي ڇڏي ماني کائڻ قطعي ڪون وڃان ها. مون اتان ئي امان کي چيو هو ته مون کي اڃان بک ڪانه لڳي آ، پوءِ کانوان ٿو. ۽ بتول کي ٿيلهو ڏئي پري ڪندي چيو هو ته، پري ٿيءِ، هيءِ ٻلو منهنجو آهي. ان جي ويجھو آئين ته مان وڙهندو مانءِ.

بتو رنڀاٽا ڪندي رنڌڻي ڏي هلي وئي هئي، مون ٻوري ۾ بند ٻلي کي ڏسڻ جي شوق ۾، پريان پيل انعام واري پينسل به ياد ڪونه ڪئي، جنهن کي کڻي بتول رنڌڻي ڏي رئندي وئي هئي، ٻوري جو منهن مظبوطيءِ سان بند هو. ٻلي جي بيقراري ڦٿڪڻ مان لڳو پئي ته اجھو ٿو ٻوري جو منهن کلي پر مون کي پڪ هئي ته ٻوري سٿري ڪون کلندي، ڇو ته اها امان جي ٻڌل هئي. امان مون کي جڏهن ٻليءِ جا ٻلوگڙا ٻوريءِ ۾ ٻڌي ڏيندي هئي مڇي مارڪيٽ ڇڏي اچڻ لاءِ، ته اتي وڃي مون کي سدائين چاچي ميرو مڇيءِ واري کي منٿ ڪرڻي پوندي هئي ته ٻوري جو منهن کولي ڏئي، ۽ جڏهن ٻوري مان نڪرندي پلونگڙا نينگ ٽپا ڏئي، مارڪيٽ ۾ ڄڻ ته منجھي پوندا هئا ته مون کي ڏاڍو مزو ايندو هو.

توڻي ان پڪ هوندي ته ٻوري ڪونه کلندي، پوءِ به اڻڄاتل خوف، مون کي ٻوري جي ويجھي وڃڻ کان باز رکيو هو.

ٻلو لمحي لاءِ سانت ٿيو هو. شايد ساهي کڻڻ لاءِ، امان ماني کڻي آئي هئي. هن سان گڏ بتول به هئي، جنهن جي هٿ ۾ منهنجي انعام واري پينسل هئي. مون چاهيو هو ته بتول کي ڄنڊن وٺي هيٺ سٽيان، جو منهنجي پينسل کنئي هئائين. پر مان حيران هئس ته ٻلو ماٺ ڇو ٿي ويو آهي. انڪري پينسل ڏي منهنجو گھڻو ڌيان ڪون ويو هو. مون سوچيو پي ته ٻلو جو ماٺ ٿي ويو آهي ته ٻوريءِ ۾ ڇا ڪري رهيو هوندو. لمحي لاءِ مون سمجھيو ته ٻلو شايد مري ويو آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ ڊڄندي ڊڄندي مون ٿورو اڳتي وڌي، ٻوري جي منهن ۾ هٿ مس وڌو جو ٻلو اچانڪ پوري طاقت سان ڦٿڪيو هو. مان ڇرڪي امان کي چنبڙي ويو هوس. جنهن تان بتول کي ڏاڍي کل آئي هئي ۽ ان تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. مان امان کي ڇڏي بتول ڏي وڙهڻ لاءِ وڌيو هوس ته امان مون کي زوري روڪي، کٽ تي ويهاري ماني کارائڻ لڳي هئي، ايتري ۾ منهنجو وڏو ڀاءِ اچي ويو هو. امان کيس ٻلي کي کڻي ٻائي واري باغ ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو هو. مون کي پڪ ٿي وئي هئي ته ادا منهنجي انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي ٻلي کي کڻي هليو ويندو. ان ڪري مون امان کي چيو هو امان ادا سان گڏ ويندس ۽ پوءِ موٽي اچي ماني کائيندس ايتري ۾ منهنجي نظر بتول تي وڃي پئي هئي. جيڪا منهنجي پينسل چڪ هڻي رهي هئي. مان ٽپ ڏئي کٽ تان اٿي وڃي بتول کان پينسل ڦري هئي ۽ کيس وارن کان وٺي اهڙي سٽ ڏني هئم، جو هوءِ نلڪي جي ڀرسان ڪري هئي. ڪرندي سندس مٿو، ڪپڙن ڌوئڻ جي دڪيءِ سان وڃي لڳو هو. بتول جو رت ڏسي امان، ”آئي مٺيس“ چئي، ڊوڙندي وڃي بتول کي کنيو هو. ادا وڏو غصي ۾ مون کي مارڻ لاءِ مون ڏي وڌيو هو. مان بچڻ لاءِ ٻاهرين در ڏي ڀڳو هوس ته منهنجو پير، ٻوري ۾ بند ڦٿڪندڙ ٻلي سان ٽڪرائجي ويو هو. ڪرندي ڪرندي مون پاڻ کي بچايو ته ورتو هو. پر ايتري ۾ ادا اچي، مون کي پڪڙيو هو، هو ته منهنجي قسمت چڱي هئي جو اچانڪ بابا کي ڏسي مان هانڌ فاٽي رڙيون ڪرڻ لڳو هوس، توڻي جو ادا مونکي ماريو به ڪون هو. ادا جي مار کان بچڻ لاءِ، اهو منهنجو پراڻو ۽ ڪامياب طريقو هو. جڏهن ڊاڪٽر بتول جي ملم پٽي ڪري هليو ويو هو ته ادا وڏو ٻلي کي کڻي ٻاهر وڃڻ لڳو هو، مون ضد ڪيو هو ته مان به ادا سان گڏ ويندس. هونئن ادا ڪڏهن به ڪون مڃي ها. پر بابا جي چوڻ تي مون کي ساڻ وٺي گڏ هلڻ تي راضي ٿي ويو هو.

جڏهن قبرستان ٽپي، اسين روڊ تي چڙهيا هئاسين ته ادا ٻوري کي روڊ تي رکي گھلڻ لڳو هو. ٻلو ٻوري ۾ اهڙا ڇال ڏيڻ لڳو هو جو ڪنهن ڪنهن مهل ٻوري، ادا جي هٿن مان ڇڏئجي پئي وئي. مون کي ته اهڙو مزو پئي آيو جو مون دعا پئي گھري ته ٻائي وارو باغ ڪڏهن به نه اچي، شايد روڊ تي رهڙجڻ جي ڪري ٻوري ڦاٽي پئي هئي يا اها ٻلي جي طاقت هئي جو اچانڪ ٻلو ڦاٽل ٻوري مان نڪري، ائين وٺي ڀڳو هو جو اسان ڏسي به ڪونه سگھيا هئاسين ته ٻلو ڪيڏانهن ڀڄي ويو هو. ادا وڏو خالي ڦاٽل ٻوري کي حيرانيءِ سان ڏسڻ لڳو هو ۽ مان الائي ڇو ٽهڪن ۾ ويڙهجي ويو هوس.

پندرهن سالن کانپوءِ اها ڳالھ مون کي سامهون گھميل فرش تي پيل ٻوري کي ڏسي، ياد آئي آهي. جيڪا هنن مون تي به انتها تشدت ڪرڻ کان پوءِ آڻي رکي آهي. ٿوريءِ دير کانپوءِ هو، مون کي ڪهي ان ۾ بند ڪري کڻي ويندا.  

 

Back