چرٻٽ جي نگري

ايوب عمراڻي

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي، جڏهن چرٻٽ اڃان ننڍو ٻار هو. هر ماڻهون هن جي سادگيءَ تي رحم کائي چوندو هو ”هاءِ ويچاري رئيس کي ستن نياڻين کان پوءِ سڪي پني پٽ ڄائو سو به چرٻٽ“ پر اڄ چرٻٽ عوام جو محبوب رهنما آهي.

توهان چوندا ته مان چرٻٽ جي خاندان جو پيڙهين کان نوڪر آهيان تڏهن ٿو چرٻٽ جي گلا ڪريان، پر قسم آهي مرشد جو مون کي ته ڇڏيو پر رئيس وڏي کي به اميد نه هئي ته چرٻٽ هڪ ڏينهن سياستدان بڻجي ويندو. ها باقي اها ڳالھ کليءَ دل سان قبول ڪريان ٿو ته چرٻٽ کي سياست ۾ اچڻ جي صلاح مون ڏني هئي. جيڪڏهن مون وٽ چرٻٽ جيتري دولت هجي ها ته مان پاڻ سياست ڪريان ها پر مان شروع کان بکيو ۽ ڀينگر رهيو آهيان. ان ڪري سياست نه ڪري سگھيس. تڏهن سوچيم ڇو نه پنهنجي ڀوتار چرٻٽ کي سياست ۾ آڻڻ جي صلاح ڏجي. هو چرٻٽ ته اڳ ئي آهي، ان کي ننڍي هوندي کان بيوقوف بنائي ان مان ڏوڪڙ ڪڍندو رهيو آهيان، سو هاڻي به موج ڪبي.

هاڻي توهان کي ٻڌايان ته مان چرٻٽ کي ننڍي هوندي ڪيئن بيوقوف بنائيندو هوس. سائين بابا رئيس جو خانداني نوڪر هو، سو مان به بنا روڪ ٽوڪ جي چرٻٽ جي گھر پيو ايندو ويندو هوس. چرٻٽ لاءِ بازار مان شيءِ وٺي اچڻ منهنجي حوالي هئي. مان هر ڀيري شيءِ لاءِ ڏنل پئسن مان هٿڙي هڻي ويندو هوس ۽ موصوف کي خبر ئي نه پوندي هئي. پڙهائيءَ ۾ ته صفا جڏو هو. مان پاڻ تي موچڙا وسائي سندس سليٽ مٽائي ڇڏيندو هوس ۽ ان عمل تي خوش ٿي چرٻٽ شيءِ کاريندو هو. ننڍپڻ ۾ موصف کي اچي سگريٽ ڇڪڻ جو شوق ٿيو، هن ان شوق ۾ مون کي به شامل ڪيو. هو مونکي گولڊليف جو پاڪيٽ وٺي اچڻ لاءِ پئسا ڏيندو هو، مان گولڊ ليف جي جاءِ تي پولو يا بيلگا جا ردي سگريٽ وٺي گولڊ ليف جي خالي پيڪٽ ۾ وجھي موصوف کي ڏيندو هوس ۽ باقي پئسا هڙپ ڪري ويندو هوس، پر انهن سگريٽن جي فرق جي موصوف کي ڪڏهن به خبر نه پئي. هڪ دفعي سلطان راهيءَ جي پنجابي فلم ڏٺائين همراھ کي اچي شوق جاڳيو ته فلمن ۾ ڪم ڪريان سو پريڪٽس گھر ۾ ئي ڪرڻ لڳو. مان پاڙي جا ڪجھ ٻار چار چار آنا خرچيءَ تي وٺي ايندو هوس، جن کي غنڊن جو ڪردار ڏنو ويندو هو. موصوف پاڻ سلطان راهي بڻجي ”او بيغيرتا“ مين تينو نهين ڇڊان گا“ جي لفظن سان رر ڪري ٻارن تي ٽٽي پوندو هو. ويچارا غريب ٻار چار آنا خرچي ملڻ جي آسري تي شوق سان چرٻٽ هٿان پادر کائيندا هئا. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ شادي هجي ٻار سڀ سرگس ۾ پئسا چونڊڻ هليا ويا، رڳو  چرٻٽ ۽ مان رهياسين، چرٻٽ چيو اڄ توکي غنڊو ٿيڻو پوندو. سوچيم گل حسن ڪا اٽڪل سوچ نه ته مفت ۾ پادر کائي ويندين، تڏهن هڪ اٽڪل منهنجي ذهن تي آئي چيومانس“ چرٻٽ فلم ۾ اصل مزو ته چوڌري کي هوندو آهي. هو ڇوڪرين جي عزت لٽيندو آهي، ماڻهو مارائيندو آهي ۽ الائي ڇا ڇا ڪندو آهي، بس آخر ۾ کڻي هيرو جي هٿان ٿورڙا پادر لڳندا اٿس.

منهنجي ڳالھ چرٻٽ کي سمجھ ۾ اچي وئي، چيائين ته ٺيڪ آهي. چوڌري ٿو ٿيان تون سلطان راهي ٿي.

پوءِ سائين اسان جي فلم شروع ٿي وئي، پڇاري، واري سين ۾ سلطان راهي بڻجي موصوف کي اهڙي ڦيھ ڏنم جو کيس فلمن جو شوق ئي لهي ويو. فلمن جو شوق لٿس ته ڪتن ۽ ڪڪڙن پالڻ جو شوق ٿيس. مون کي پئسا ڏيندو هو ته هن لاءِ اعلى نسل جا ڪتا خريد ڪري اچان. مان ڏوڪڙ کيسي ۾ وجھي ڪلو ڪاسائي جي دڪان آڏو هڏين جي آسري آيل لوسي ڪتن کي پڪڙي موصوف جي حوالي ڪندي چوندو هوس، هي اٿئي اصلي تازي اعلىنسل جو ڪتو....!!

اهڙي طرح ڪڪڙن جي شوق ۾ به مون موصوف کي خوب لٽيو، اسان جي دوستي مثالي هئي، اهو ئي سبب آهي جو ڳوٺ واري هاءِ اسڪول مان منهنجي مدد سان ڪاپي ڪري مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ موصوف کي سندس ظالم پيءِ وڌيڪ تعليم لاءِ پهرين ڪراچي ۽ پوءِ ولايت موڪلي ڇڏيو، تڏهن اسان پنجن ڇهن سالن تائين هڪٻئي جو منهن ڏسڻ لاءِ روئيندا رهياسين (مان ان لاءِ روئيندو هيس ته منهنجا ڏوڪڙ بند ٿي ويا هئا.)

مون کي به اچي ٽاڪ سڃائي سوڙهو ڪيو سو هڪ ڀتا خور پارٽيءَ جو ميمبر ٿي وڃي گذر سفر ڪيم ۽ سياست کي ايترو سمجھيم جو هاڻي آئون .....خير ڇڏيو ان ڳالھ کي خوامخواھ موضوع بدلجي ويندو.

ستن اٺن سالن کان پوءِ جڏهن چرٻٽ ولايت مان تعليم حاصل ڪري پهتو ته صفا انگريز بڻجي چڪو هو. مون به وڃي پاسو ورتومانس، هاڻي اسين ٻئي ٻار نه رهيا هئاسين، ان ڪري سوچيم ته چرٻٽ مان ڏوڪڙ ڪڍي پيٽ گذر جو ڪو ٻيو وسيلو ٺاهجي، تڏهن مون کي هڪدم اٽڪل سجھي، مون موصوف جي ساراھ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري آخر ۾ کيس اليڪشن ۾ بيهڻ جي تجويز ڏني. خوشقسمتي سان منهنجي آڇ موصوف مڃي ورتي. اليڪشن جو اعلان ٿيو ته مون سڄي بيروزگار سنگت کي گڏ ڪري چرٻٽ جي خوب اليڪشن مهم هلائي، مون پنهنجو کيسو به ڀريو ۽ سنگت کي به ونڊ ڪرايم. چرٻٽ اليڪشن مهم ۾ پئسو پاڻي وانگر خرچ ڪيو. جنهن جو نتيجي ۾ اليڪشن کٽي ويو.

پوءِ ته سائين اسان جا وارا نيارا ٿي ويا. دهل جي وڄٽ تي سڄي رات نچي ڏينهن ڪيوسين. کيس جلوس جي شڪل ۾ وٺي اسيمبلي تائين پهچايوسين ۽ ڳوٺ موٽي آياسين، ڳوٺ ۾ اها خوشخبري ملي ته چرٻٽ وزير بڻجي ويو آهي. پوءِ ته خوشيءِ مان اڃان به وڌيڪ هنبوڇيون هنيوسين، مون کي سترهين گريڊ جي نوڪري جو آرڊر کيسي ۾ پيل نظر آيو. مون هڪ عاليشان ۽ شاندار گھر ۾ پاڻ کي آرام ڪندي ڏٺو. مان چرٻٽ جو انتظار ڪندو رهيس ته ڪڏهن ٿو موصوف اچي ۽ ڪڏهن ٿو هن مان ڪم وٺان. پر بدقسمتي سان چرٻٽ صاحب وزير ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ نه وريو، لاچار ٿي مان هن سان ملڻ اسلام آباد ويس اٺن ڏينهن جي انتظار کان پوءِ مس مس چرٻٽ سان ملڻ جو موقعو مليو، پهريائين ته مون کي سڃاڻڻ کان نابري واري ويٺو پوءِ مون جڏهن ننڍپڻ وريون ڳالهيون ڪيون تڏهن مس مس سڃاتائين ته مان گل حسن آهيان.

مون عرض ڪيو ته سرڪار هڪ پلاٽ ۽ هڪ نوڪري گھرجي، مان بي گھر ماڻهن کي مفت پلاٽ ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. هن منهنجي ڳالھ ٻڌي گھنٽي وڃائي، پٽيوالو آيو. مون سمجھيو موصوف مون لاءِ چانھ يا ٿڌو ٿو گھري سو پٽيوالي جي پهچڻ کان پوءِ زبان مان نڪري ويو. ”يار چرٻٽ چانھ گھرائڻ جي تڪليف نه ڪر بس منهنجو ڪم ڪر ته ڳوٺ وڃان ڀاڙي جا پئسا به اچي کٽڻ تي ٿيا آهن.“

منهنجي ان جملي تي چرٻٽ ڪو به ڌيان نه ڏنو پٽيوالي کي چيائين.“ هن کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍ......!

ان جملي ته مان حيران ٿي ويس صفا ڀوئنٽيون اچي ويون زبان خشڪ ٿي وئي. پٽيوالي اچي مون کي ٻانهن کان ورتو پر مون پٽيوالي کان پاڻ ڇڏائي رڙ ڪري چيو. ”اڙي اهو مان آهيان گل حسن جنهن توکي اليڪشن ۾ بيهڻ جي تجويز ڏني، ها مان آهيان اهو غريب عوام جنهن توکي رات ڏينهن محنت ڪري اليڪشن کٽائي ياد ڪر واعدا جيڪي تو مون سان اليڪشن کٽڻ کان اڳ ڪيا هئا نوڪري پلاڻ.....!

هن منهنجي ڳالھ ڪٽيندي“ چيو مون اسلام آباد جي هوائن ۾ اچي اهو سکي ورتو آهي ته سياست ڪيئن ڪبي آهي مون اليڪشن تي هڪ ڪروڙ روپيا خرچ ڪيو آهي پلاٽ ۽ نوڪريون پئسن تي ڏيندس تڏهن اهو خرچ نڪري سگھي ٿو“

چيومانس ”ٺيڪ آ تون اسان عوام کي ڀلي وساري ڇڏ پر آئينده اليڪشن ۾ وري اسان وٽ ايندين ڪيڏانهن ويندين!“

منهنجي ان ڌمڪي جو موصوف تي زرو به اثر نه ٿيو. ٽهڪ ڏيندي چيائين“ مون کي هاڻي تو جهڙن دوستن جي ضرورت ناهي. مون اسلام آباد ۾ پنهنجا دوست ٺهي ڇڏيا آهن، اهي مون کي پاڻهي اليڪشن کٽائيندا.“

ائين چئي نه پٽيوالي کي اشارو ڪيو، پٽيوالي مون کي ڇڪي ٻاهر ڪيو.

مان واپس سنڌ پهچي ويو آهيان. مون جنهن شخص کي سادو پئي سمجھيو جنهن کي سادو هجڻ ڪري مان چرٻٽ سڏيندو هوس، سو اليڪشن کٽي اسيمبلي ۾ پهچڻ کان پوءِ انتها درجي جو چالاڪ موقعي پرست ۽ مڪار بڻجي چڪو هو. هن کي عوام ۽ سنڌ وسري چڪي هئي. خبر ناهي سندس اسلام آباد ۾ ڪهڙا دوست آهن. جيڪي کيس اليڪشن کٽائيندا.

سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ سنڌ جي معصوم عوام بکين، بيمارين، بيروزگارن، اڻ پڙهيلن ۽ اٻوجھ ماڻهن کي ڏسي مون کي اهو شدت سان محسوس ٿيو ته جيتوڻيڪ چرٻٽ چالاڪ ٻڻجي ويو آهي پر سنڌ ۾ ڄڻ ته صدين کان چرٻٽ جي نگري آهي، جتي ظالم، ناانصافي، دهشت ۽ بي حيائي سان حڪمراني ڪئي وڃي ٿي.

 

 

 

Back