مرشد جي مايا

اي جي چانڊيو

گوتم! به عجيب قسم جو ماڻهو هو. کائنس پڇبو هو ته ”تون ڪير؟“، جواب جواب ڏيندو هو: ”موهن جي دڙي جو ماڻهون.“

ڪڏهن هٿ جي ڇهاءِ سان ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪنهن چيڪي مٽيءِ جو ٺهيل ڪو ٺڪر جو ٿانءِ هجي ۽ ڪڏهن وري هن جي ڇهاءِ سان ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪنهن چيڪي مٽي سان ترشيل انسان هجي! طبيعت جو عجيب انسان هو. ڪڏهن ڪڪرن جيان پيو گجگوڙ ڪندو هو ته ڪڏهن وري لفظن جي ميگھ وسائيندڙ ڄڻ ته ڪو سارنگ هجي.

ڪڏهن ايڏو اڏول جو ڪنهن جابر جو جبر کيس جھڪائي نه سگھي ۽ ڪڏهن وري ايڏو نفيس جو ميڻ جيان پگھرجي ويندو هو.

بس هڪ عجيب متضاد قسم جو انسان هو هي گوتم! ڪڏهن ملڻ سان لڳندو هو ۽ هو ڄڻ ته ڪو ناستڪ هجي ڪڏهن وري هو ڀٽائي جو ڀونءِ جو ڪو جوڳي لڳندو هو.

ڪڏهن ڪڏهن ڀٽائي جي درگاھ تي وڃي ان جي ملامتي فقيرن سان گڏجي ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ جا الاپ پيو الائيندو هو ۽ ڪڏهن وري دروازا جي داتا سچل سائين کي امام ڪوٺيندو چوندو هو ته ”جنهن دل پيتا عشق دا جام“ تي هو بيخودي ۾ اچي ائين ئي ڌمالون هڻندو آهي جيئن ئي سيوهڻ جي گھٽين ۾ قلندر جا فقير هڻندا آهن.

انهن ڏينهن گوتم پنهنجي آفيس جي ڪم ۾ مصروف هو ته اچتو هن جي موبائيل فون گھنٽي وڳي، هن فون تي هڪ اڻڄاتل نمبر ڏٺو پهرين سوچيائين ته الائي ڪير آهي پر پوءِ الائي ڪهڙو خيال آيس جو مخاطب ٿيندين چيائين ته :هيلوءِ گوتم! توهان؟!

”مان مايا آهيان“ هڪ ڇڪري مخاطب ٿيندي چيو.

گوتم بي تڪلف ٿي چيو: مايا!؟ مون کي رڳو اجازت فلم واري هڪ ئي مايا ياد آهي باقي مون کي هن دنيا ۾ ڪا به مايا ياد ناهي. خير معاف ڪجو ڇا پاڻ اڳ ۾ واقف آهيون“ هن سوال ڪيو.

مايا: ”هونئن ته پنهنجي ڪا به پراڻي واقفيت ناهي بس توهان جي ڪهاڻي پڙهيم، سوچيم ته توهان کي فون ڪري وٺان.“

گوتم! ”مهرباني! ڪهاڻيون ته ڪيترائي اديب لکن ٿا ۽ مون کي ڀليون لکن ٿا پر توهان مون کي فون ڇو ڪئو؟“

مايا: ”بس! ائين ئي، مون چاهيو پئي ته توهان سان پنهنجي ڪهاڻي شير ڪريان، سوچيم پئي ته شايد توهان جي ڪنهن ڪهاڻي جو آئون به ڪو ڪردار بڻجي وڃان!“

گوتم: اهو! مايا ميم صاحب هي خواهش ڪا ايتري خراب ته ناهي پر......

مايا: ”پر ڇا؟“

گوتم: آئون توهان کي ڪيئن سمجھايان ته ڪهاڻين جا ڪردار اصل ۾ ڪهاڻين جا ڪردار هوندا ئي ناهن، اهي ڪردار ته سماج جا ڪردار هوندا آهن. جيڪي ازخود ڪهاڻي جا مرڪزي ڪردار بڻجي ويندا آهن يا اهي ڪردار ئي پاڻ ئي ڪهاڻي هوندا آهن.“

مايا: ”بس سمجھو مان ته هڪ ڪهاڻي آهيان، هڪ پرولي آهيان.“

هڪ لمحي لاءِ گوتم ٿورو سوچ ۾ ٻڏي ويو ڪهاڻي پرولي؟ پر پوءِ مخاطب ٿيندي مايا کي چيائين: ”ڏسو! هنيئر ته مان مصروف آهيان، ائين ڪريو، جو توهان شام جو مون کي فون ڪجو.“

مايا: ”ٺيڪ آهي مان توهان کي ٻيهر فون ڪنديس“

”ها ضرور“ : گوتم کيس الوداع چوندي فون کي بند ڪري ڇڏيو.

پر گوتم گھري خيال ۾ ٻڏي ويو. سوالن مٿان سوال هن جي ذهن جي مئخاني مان ڇلڪڻ لڳا. هوءِ مايا ڪير آهي؟ هوءِ پنهنجي ڪهاڻي مون سان شير ڪرڻ ڇو ٿي چاهي؟ هنن سوالن جو هن وٽ ڪو به جواب نه هو. ڇو جو مايا پنهنجي سورن واري سرندي جا ساز اڃان ڇيڙيا ئي نه هئا. زندگيءِ ۾ وڏي ۾ وڏو اهو ئي الميو آهي ته اسان پنهنجا ساز ڇيڙيون ئي نٿا بس چپ رهون ٿا. رستي تي هلندڙ ڪو ڀيانڪ حادثو ٿي وڃي ته اسان گوهي ڏيڻ لاءِ به چپ ناهيون چوريندا. بس چپ ئي رهندا آهيون. ڪو سرعام ايوان عدل تي راتاهو هڻي وڃي، ته به خاموش رهندا آهيون.

”آخر ايڏي خاموشي ۽ سانت ڇو آهي؟“

گوتم سوچڻ لڳو ته: ”جيڪڏهن اسان پنهنجي چنگن کي چوريون ته گھڻو ڪجھ تبديل ٿي سگھي ٿو.

بس اهڙن پورن ۾ هوندي، هو پنهنجي ساٿين تي ئي برسي پيو. ڏٺو چپ نه چورڻ جا نتيجا!، هي آهي زبان بندي جو نتيجو، اڄ هن ديس ۾ هڪ اهڙي ماڻهون کي مصلوب ڪيو ويو آهي جنهن منصوري روايتن تي هلندي ڪنهن طاقتور جي اکين سان اکيون ملائي انڪار ڪيو.

اسان اڃا خاموش رهياسين ته اهي اسان کي به مصلوب ڪندا. هو ڪڙهندو رهيو ۽ هو گجندي ڪڙهندي ڪڙهندي هو آفيس مان ٻاهر نڪري آيو.

هو شهر جي گھٽين ۾ گھمي رهيو هو. ڪجھ وقت کان هن جي انسانن کان وڌيڪ ديوارن سان دوستي ٿي وئي هئي. ڇاڪاڻ جو هو ديوارن تي لکيل عبارتن ذريعي انساني جذبن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو چوندو ته جڏهن کان انسانن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ بند ڪيو آهي. اظهار ڪرڻ بند ڪيو آهي تڏهن کان هن ديوارن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. انسان ته ڄڻ گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن.

هو ديوارن جي مٿان لکيل عبارتن کي پڙهڻ لڳو. ديوارن تي لکيل هو ”مردانه ڪمزوري کان واحد علاج.“

ڀرسان ئي لکيل هو ”جسٽس چوڌري ڪو سلام.“

هن هڪ ئي ديوار تي لکيل ٻن عبارتن کي پڙهيو ته پهريائين سوچ ۾ ٻڏي ويو. پوءِ پاڻ ئي کلندي کلندي ڀڻڪيو: ڄڻ ته اسان جو سماج به مردانه ڪمزوري جو شڪار ٿي ويو هجي. هتي ته بس هڪ ئي مرد وڃي بچيو آهي.

هو اڃا ديوار تي لکيل هڪ ٻئي عبارت ”ديکهو گدها پيشاب ڪر رها هي.“ پڙهي رهيو هو ته ايتري ۾ هن جو موبائيل فون ٻيهر وڳو.

گوتم فون آن ڪندي پڇيو: ”ڪير؟“

”مان مايا! ڇا پيا ڪريو؟“ آواز آيو.

گوتم: ”ديوار تي لکيل ڪهاڻيون پيو پڙهان ۽ انهن ۾ لڪل ڪردارن کي پيو ڳولهيان؟“

مايا: ”ديوار تي لکيل عبارت ڪهڙي؟

گوتم: ”ڏسو گڏھ مٽي رهيو آهي!“

مايا: ”واٽ اي ڊرٽي ٿنگ!“

گوتم: ”ڇا؟“

مايا: ”اهو ئي ته توهان مرد جتي چاهيو ٿا اتي ٿا گندگي ڦهلايو. عدالتن کان وٺي پارڪن تائين هي توهان جا ننڍا ننڍا توهان جا گند ئي ته آهن جيڪي وڏن وڏن گند جي ڍيرن کي جنم ڏين ٿا.شهر جو ڪو اهڙو حصو آهي، جيڪو توهان مردن جي اهڙيءِ گندگي کان بچيل هجي؟!“

گوتم: ”مايا! هي ڊرٽي ٿنگ ته انهن ڊرٽي بمن کان ته بهتر آهي نه، جيڪي معصوم حياتين مٿان اڇلايا پيا وڃن.“

مايا!: ”گوتم! ڇا ڊرٽي بم ئي انساني زندگيون کسن ٿا. ڇاهي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون انساني حياتيون نٿيون کسن؟ ڇا اهي ايذائن نٿيون“

هوءِ گوتم تي ائين برسي پئي جيئن ٿوري دير اڳ گوتم پنهنجي ساٿين تي گجيو هو، ڄڻ ته ڪو مڪافت عمل هجي.

گوتم: ”مون ته اهو گند ناهي ڪيو.“

مايا: ”ڪجو به نه مسٽر گوتم! گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي نالي جي لڄ رکجو.“ هن اهو چئي فون بند ڪري ڇڏيو.

گوتم ٿوري دير لاءِ سوچيو گھٽ ۾ گھٽ هاڻي هو ماڻهن کي روڪيندو ته اهي روڊ تي گندگي نه ڦهلائين!

هن اڄا سوچيو پئي ته هن جي موبائيل ته ٺڪ سان اچي ميسيج ڪريو.

”مسٽر گوتم! آءِ ايم سوري مون توهان تي نه پر ان ڳالھ تي ردعمل پئي ڏيکاريو. سو پليز ڊونٽ مائينڊ.“

گوتم ميسيج پڙهڻ کان پوءِ سوچيو ته واقعي هوءِ هڪ عجيب ڪردار آهي. گوتم ان متعلق سوچيندو رهيو ته ڇا هو سندس نئين افساني جو ڪردار بڻجي سگھي ٿي؟!

صبح نو روز هو. ڪائنات جي تخليق جو ڏينهن. هن سوچيو ته دوستن کي مبارڪون ڏجن، هن سوچيو ته نوروز جي سڀ کان پهرين مبارڪباد ڪنهن کي ڏجي؟ هن موبائيل کنيو ۽ الائي ڇو هن مايا کي ئي سڀ کان پهرين مبارڪباد جو پيغام موڪليو“ جشن نوروز مبارڪ“

گوتم! اڃا جواب جو منتظر ئي هو ته انهي لمحي سندس موبائيل تي وري هڪ ميسيج اچي ڪريو.

فلاور از فلاور

بٽ روز از بيوٽيفل فلاور

فرينڊ از فرينڊ

بٽ يو آر از بيسٽ آف دي ورلڊ.“

فقط تنهنجي مايا.

هن نوروز جو گفٽ سمجھي مايا جي سنگت کي سوئيڪار ڪيو پر سوچڻ لڳو ته ڪهاڻي جي فريم ۾ ڪردارن کي فٽ ڪرڻ ڪيترو نه آسان هوندو آهي ۽ زندگي جي اصلي فريم ۾ ڪردارن کي انصاف ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هوندو آهي. انهن سان نباھ ڪيڏو نه مشڪل آ. بس ماڻهو ڳولهيندو ئي رهي ٿو. ڪردارن کي ۽ آواز ڏيندو رهي ٿو ڪردارن کي!

هنن جي چهري کي ۽ هنن جي اکين کي انهن مان وهندڙ ڳوڙهن ۽ ٽهڪن کي! هو اڃا ان خيال ۾ ئي مست هو ته هن جو فون ٻيهر وڳو.

گوتم فون آن ڪندي چيو: ”ڪير.“

ٻئي طرفان پل لاءِ ڪو به آواز نه آيو، بس جھرڪين ، ڪوئلن ۽ طوطن جي چڻ ڀڻ مان هڪ آواز آيو.

”مايا!“

  

 

Back