عابد سيوهاڻي

اچي اڏيندي اجھو ڪو من ۾،

خيال سندر لٿو  ڪو  من ۾.

حجاب جا  سڀ  زنجير  ٽوڙي،

کيون اورانگھي لڪو ڪو من ۾.

هڳاءُ يادن جو شهر دل  ۾،

گلاب آهي ڦٽو  ڪو  من  ۾.

جوان جذبا ۽   خواب   پوکي،

امين سانڍي  ٽٽو   ڪو   من ۾.

 

لڪشمڻ دُٻي

سيڪڙو  ڀيرا  ٽٽل  دل  جوڙجنئه،

خواب جي پٺيان  مگر   پيو ڊوڙجنئه.

بيخوديءَ  جي آسماني  او اُڇل،

هوش  جا قاتل  ڪنارا   ٻوڙجنئه.

ڪارگر    جذبو   اٿئه    ناراضگي،

بي صبر ٿي منهن نه ان کان موڙجنئه.

اصل جيان  اجرو اٿئي   موٽائڻو،

جسم جو چولو  جتن  سان   چوڙجنئه.

هيءَ ڪا مسجد نه آ  مندر  نه آ،

ايترو سوچي  ڪري  دل ٽوڙ جنئه.

 

آفاق احمد آفاق

تنهائين جو وئي بڻجي مرڪز!

تو کان  پوءِ   منهنجي  زندگي!

گھر  جي خالي  ڪمرن ۾ ٿي،

روئي،  سڏڪي،  تڙپي  زندگي!

تنهنجي شهر  جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾،

در در  ڀٽڪي  ٿي    زندگي!

مون کان ڪڏهن پڇيو ٿئي پيارا،

ڪيئن ٿي گذري  تنهنجي زندگي؟

”آفاق“  ٿي وئي  موت   برابر،

منهنجي   به   آ  ڪهڙي  زندگي.

Back