مير بيتاب

اڄ ٻڌي قصا ٿرين جي پياس جا،

نيڻ  ڀرجي  آيا  آڪاس   جا.

منهنجي جيون سان سڀن پئي راند ڪئي،

زندگي ڄڻ  پتا  هئي  تاس  جا.

نيٺ  هڪ ڏينهن پاڻ ملنداسين وري،

مون نه ٻوٽيا دوار   آهن  آس  جا.

ڪونه  آ ”بيتاب“ ڪو  سگھيو  هتي،

پير  روڪي وقت  جي آڪاس  جا.

 

 

ايوب کوسو

اي سانجھي سچ سڻاءِ تون،

اڄ ڪنهن جي جھلڪ پسي آئين؟

هِن  بيگاري  سنسار   اندر،

چئو ڪنهن کان مرڪ کسي آئين؟

اي سانجھي  سچ سڻاءِ  تون،

هُن  ڀٽ ڌڻي  جي   روضي  تي،

هوُ  پاريهر  سڀ   پهتا   ها،

يا اڌ  ۾  ڪوئي  رهجي  ويو؟

اڄ اُڀ ۾   بادل  گھاٽا    ها.

اي سانجھي  سچ سُڻاءِ تون!

ڪيئن ڏينهن اڄوڪو گھاريو  هُن؟

ڇا  پنهنجا  لڙڪ وهايا  هُن،

يا ڳيچ  ڪٿي جھونگاريس  ڪو؟

چئو  ڪهڙا پور  پچايا  هُن؟

اي سانجھي سچ  سُڻاءِ  تون،

هوُءَ ويندي ويندي  ڪالھ رُني!

هُن ڇا  ته چيو ٿي رستن  کي؟

هوُ دلداريون گذري   به  ويون،

پر  ننڊ  نه آ  ڇو   نيڻن   کي؟

اي  سانجھي  سچ  سُڻاءِ  تون!

 

 

غفور گل تنيو

توکي وساريان ته ڪافر ٿيان،

ٻي سان گھاريان  ته ڪافر ٿيان.

بيٺو آهيان  مان تنهنجي  دڳن ۾،

راھ نه نهاريان  ته  ڪافر ٿيان.

تون هُتڙي ڏکن ۾ مان هُتڙي،

پنهنجو پاڻ سينگاريان  ته ڪافر ٿيان.

ڏئي توکي  جاءِ دلڙيءَ ۾  سجني،

ٻي کي  ويهاريان  ته   ڪافر  ٿيان.

قبر به ٺهندي  تنهنجي گھر  سامهون،

اهو واعدو نه پاڙيان ته ڪافر ٿيان،

تنهنجي نازڪ دل کي ”تنيا غفور“

مان جي آزاريان  ته   ڪافر  ٿيان.

Back