بابو
(عبدالرافع
شيخ)
بابو
کي لڳو هتي
اچي هن وڏي
غلطي ڪئي آهي،
هو ته اهو
سمجھي آيو هيو
ته هن جي ڪري هن
جي ڀيڻ پريشان
هوندي ۽ هو ان
کي دلجاءِ ڏئي
ٻڌائيندو ته
هو رفعت سان
خوش آهي ۽
رفعت هن جو هر
گھڙي ايترو
خيال رکي ٿي
جو هن جي هاڻي
دل ان
کانسواءِ ڪٿي
ڪونه ٿي لڳي. پر
هتي اچي هن
ڏٺو ته هن جي
ڀيڻ هن کان هن
جا حال پڇڻ بدران
پنهنجا درد ٻڌائڻ
لاءِ وڌيڪ بي
چين آهي. هو اڄ
ماءُ جي چوڻ تي
ڀيڻ سان ملڻ
آيو هو. جنهن ڏسيو
هيس ته هن جو
سڄو ڏينهن
رفعت سان گڏ
ڪمري ۾ گم رهڻ جي
ڪري سڀ مٽ
مائٽ هن کي
سنڀالي رهيا
آهن ۽ رفعت کي
ميارون ڏئي
چون ٿا ته هو
انهن کان
بابوءَ کي پري
ڪري ڇڏيو آهي.
بابو
کان اهو
برداشت ڪونه
ٿيو هيو ته هن
جي ڪري رفعت
کي ميارون
ڏئي، پر هت
اچي هن کي لڳو
ميارون ڏيڻ ماڻهن
جي عادت بڻجي
وئي آهي. جيئن
ئي هو ڀيڻ وٽ
آيو ته ڀيڻيوو
ميار ڏئي چوڻ
لڳس.
”يار،
بابو، هي ڪهڙي
جنڙي مونسان
ڦاسائي ڇڏي
اٿو،
نويڪلائي سان
ساھ کڻڻ به
ڪونه ٿي ڏئي. هر
ڳالھ ۾ پڇاڻو،
دير ڇو ڪيئ؟
آفيس، اڄ ايڏي
خوشبو هڻي ڇو
ٿو وڃين؟ ماني
ڇو نٿو کائين،
ڪنهن سان گڏ
کائي آيو آهين؟
يار بابو سچ
ٻڌائجان توهان
جو شجرو هٽلر
سان ته ڪونهن
ٿو ملي؟“ مجيد
جي ڳالھ ٻڌي چهري
تي مرڪ اچي وئي،
هن کي رفعت ياد
اچي وئي، جنهن
کان هڪ دفعو پڇيو
هيو ته هو هن
سان ڪا شڪايت
ڇو نه ٿي ڪري
يا هن جا عيب ڇو
نه ٿي ڪڍي جواب
۾ رفعت هن جي
ڳيچيءَ ۾ ٻانهون
وجھي چيو هيس ”مان
زندگيءَ جون
هي قيمتي
گھڙيون شڪوه
شڪايتن ۾ ضايع
ڪرڻ ڪونه ٿي چاهيان،
هونئن به مون
کي خبر آهي ته تون
انسان آهين
فرشتو نه.“
هن جي
ڀيڻ هن جو
ڌيان ڇڪائڻ
لاءِ هن جي
ڀرسان ويهي
چوڻ لڳي. ”ادا
ڏسو نه هنن وٽ
منهنجي لاءِ
ڪو وقت ئي
ڪونهي، سڄو
ڏينهن آفيس ۾
۽ شام جو جيڪي
گھڙيون ملن
اهي يا ته ٽي
وي ڏسڻ ۾ گذارين
يا وري اخبار پڙهڻ
۾، آئون ته ڄڻ
هن گھر ۾ ڪم
واري ماسي
وانگر آهيان.“
بابو
جڏهن به عائشه
۽ مجيد جي
باري ۾
سوچيندو آهي
ته هن کي
انسان موسم
وانگر لڳندا
آهن، مجيد هن
جو نه صرف مامي
جو پٽ پر
ننڍپڻ جو دوست
پڻ آهي، ٻه
سال اڳ جڏهن بابوءَ
جي پيءُ مجيد
لاءِ عائشه جو
سڱ ڏيڻ کان
انڪار ڪيو هو ته
مجيد بابوءَ
کي ٻارن وانگردانهيندي
چيو هو” جيڪڏهن
هن کي عائشه
کان بغير
زندگي گذارڻي
پئي ته هو
زندگي ئي ختم
ڪري ڇڏيندو. “ ۽
اڄ جڏهن عائشه
هن جي زندگيءَ
۾ هن سان گڏ
آهي ته هن جي
حيثيت ٽي وي ۽
اخبار کان به
گھٽ رهجي وئي آهي
هن کي رفعت جا
لفظ ياد آيا،
جنهن هڪ دفعو چيو
هيس ”اڪثر
انسان ظاهري
طرح خدا جي
شاهڪار انسان
سان محبت ڪري
رهيا هوندا
آهن پر حقيقت
۾ هو پنهنجي
ذهن ۾ گھڙيل ڪنهن
بت سان محبت
ڪندا آهن،
جنهن جون ڪجھ
خوبيون ان
انسان سان ملڻ
جي ڪري هو ان
جي ويجھو
ويندا آهن ۽
ڪجھ خامين جي
ڪري ان کان
پري ٿي ويندا
آهن.“
ان
وقت بابوءَ کي
رفعت ڏاڍي شدت
سان ياد اچڻ
لڳي. هن سوچيو
هتي هنن جون اجايون
ڳالهيون ٻڌڻ کان
ڀلو آهي ته
رفعت ڏانهن
وڃجي، هو يڪدم
اٿي ڀيڻ ۽
ڀيڻيوي کان
موڪلائڻ لڳو،
انهن ٻنهي
ڏاڍي ڪوشش ڪئي
ته بابو ڪجھ
گھڙيون ٻيون
ترسي پر بابو
هنن جي هڪ نه
ٻڌي ۽ گھر کان
ٻاهر نڪري آيو
هو تڪڙا تڪڙا
قدم کڻندو گھر
ڏانهن وڃي
رهيو هو ته
جيئن جلد کان
جلد رفعت سان
ملي پر رستي ۾
پنهنجي گھر جي
ٻاهران ظهور
ملي ويس، ظهور
هن سان گڏ ڪاليج
۾ پڙهيو هيو ۽
ايڏو
ڳالهائڻو هيو جو
هڪ دفعو ڪو
مليس ته جيسيتائين
پنهنجي سڄي
ڏينهن جي آتم
ڪٿا نه ٻڌائي،
تيسيتائين
ڇڏيندو ڪونه هيو.
تڏهن ئي هر ڪو
هن کي ظهور
چيچ سڏيندو
هو، بابو ڏاڍي
ڪوشش ڪئي ته
هن کان جان
ڇڏائي پر ظهور
به ڇڏڻ وارو
ڪونه هيو زوري
هن کي اوطاق ۾
وٺي ويو.
”يار
اڄ توکان ٻيو
ڪجھ گھران ها ته
اهو به ملي
وڃي ها.“ ظهور
چچهن جي ڀرسان
واري ڪرسي تي
ويهندي چيو.
”ڪافي ڏينهن
کان پوءِ اڄ
کير پتي چانھ
پيئڻ جو موڊ
ٿيو هو توکي
ياد آهي ته
ڪاليج ۾ کير
پتي چانھ ان
چانھ کي چوندا
هئاسين، جيڪا
ڪنهن سٺي دوست
سان گڏ پيئبي هئي
ان ڪري دعا
گھريم ته ڪو
سٺو دوست ملي ۽
هڪدم تون ملي
وئين، تون رڳو
پنج منٽ ويھ ته
آئون چانھ
ٺاهي ٿو اچان،
مون کي خبر
اهي ته تون
پڇندين ته
آئون سگھرو
هوندي ڪنوارن
وانگر چانھ
پاڻ ڇو ٿو
ٺاهيان، ته
دوست عرض آهي
ته اسان هاڻ 21
صدي ۾ رهون
پيا، جتي نه
فقط عورتن کي
پوري آزادي
مليل آهي، پر
هنن کي مڙس
جھڙي مثيبت
کان ڪجھ ڪلاڪ
جان ڇڏائڻ
لاءِ ڪيئي ٽي
وي چينل به
مليل آهن، جن
تي روز
باقائدگيءَ
سان ڊراما ڏسڻ
۽ ڊرامن جي
ڪردان جي ڏک
سک ۾ شريڪ ٿيڻ
هوءَ هر عورت
جو حق ۽ فرض
سمجھندي آهي، ان
ڪري منهنجا
مٺڙا شام جو 6
کان 9 بجي
تائين منهنجي
فرض شناس زال ٽي
وي ڊرامن لاءِ
وقف ٿي ويندي
آهي، ۽ آئون
ان وقت وري
ڇڙو بڻجي
ويندو آهيان.“
اهو چئي ظهور
چچ گھر اندر
هليو ويو.
هو
ظهور جي لفظن
۾ لڪيل ڏک محسوس
ڪندي غمگين ٿي
ويو، هن کي
رفعت جا لفظ
ياد آيا. ”ڪجھ انسان
پاڻ کان پري
رهندڙ انسانن
جي ڏک کي ته
جلدي سمجھي
ويندا آهن پر
جيڪي انهن جي
ويجھو هوندا
آهن انهن جي
تڪليف جو احساس
ڪونه ٿيندو
اٿن.“ رفعت جي
ياد اچڻ سان
بابو لاءِ
ظهور جو وڌيڪ
انتظار ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو بڻجي
ويو. هو يڪدم
ڪرسيءَ تان
اٿيو ۽ اوطاق
مان ٻاهر نڪري
ڊگھيون
ڊگھيون وکون
پائيندي گھر
پهچي ويو، گھر
۾ داخل ٿيڻ
سان هن ماءُ
جو آواز ٻڌو.
”بابو پٽ اچي
وئين؟“
”جيءُ
امان.“ هن
ورندي ڏني.
”پٽ
ماني لڳايان؟“
”نه
امان بک
ڪونهي، اهو
چئي بابو پنهنجي
ڪمري ڏانهن
وڃڻ لڳو.
”پٽ
ڪجھ گھڙيون
مون سان گڏ
ويھ، هر وقت
ڪمري ۾ اڪيلو
رفعت جي يادن ۾
ڇا ٿو ملئي،
هن کي ته
پرڻجي به سال
گذري ويو آهي
۽ تون اڃان
تائين هن کي
وساري ڪونه
سگھيو آهين،
هاڻي ته ماڻهو
به توتي کلن
ٿا، ڏاهو ٿي
پٽ، ڇڏ رفعت
جي پچر.“
بابو
ماءُ جي ڳالھ ٻڌي
اڻٻڌي ڪري
پنهنجي ڪمري ۾
هليو ويو، جتي
هر هنڌ رفعت
هن کي پنهنجي
اوسيئڙي ۾ نظر
پئي آئي.