الهاس
نگر ۾ هڪ رات
(تاجل بيوس)
(حصو
آخري)
لڇمڻ
ڪومل ٻڌايو ته
هڪ دفعي هو
سنڌي جي هڪ
مشهور اديب دوست
وٽ مهمان ٿي
ترسيل هو،
جڏهن کيس خبر
پئي ته ان
اديب جي زال
اردو خاندان
مان آهي ۽
سندس ٻار پيءُ
سان اردوءَ ۾
ڳالهائين ٿا
ته لڇمڻ سندس
ماني کائڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو
هو، تصوير جو
ٻيو رخ ڏسبو
ته هتي اسان
وٽ سنڌ ۾
ڪيترن ئي ڀلوڙ
۽ ترقي پسند اديبن
جي گھرن ۾
مهاجر زالون
آهن، جتي ابي
امڙ واري ٻولي
پوين پساهن ۾
آهي، اسان جي
سنڌي آفيسرن
کي ڪراچي ۽
اسلام آباد
نوڪري ملڻ وقت
کين آرڊر ۾ اهو
به لکيل نظر
ايندو آهي ته
شادي ڪرڻي آهي
ته غير سنڌي
مان ئي ڪرڻي
آهي، ته غير
سنڌين مان ئي
ڪرڻي آهي ۽
ائين شاھ سچل
۽ سامي جي چپن
تي ڏنڀ ڏيندا
رهن ٿا، سنڌي
ٻولي جي جسم
تان ٽڪن ۽
گلڙن وارو
لباس لاهي کين
تيلي ڏئي ساڙي
رک ڪري ڇڏڻ ۾
ئي کين فخر
محسوس ٿئي ٿو.
هري
موٽواڻي جي
سفرنامي ”جڙيل
جن سان جند“ ۾
پڙهيو هئم ته ظفر
حسن سنڌي
ليکڪا نورالهديٰ
شاھ کي چيو ته اردوءَ
۾ ٽي وي ڊرامن لکڻ
تي کيس ڀلي
انعامن
اڪرامن سان
نوازيو وڃي ٿو
پر پوءِ به هو
سندس بائيڪاٽ
جاري رکندو ساڳي
ئي غصي جو
اظهار سائين
ظفر حسن حميد
سنڌي تي ڪيو
آهي، جنهن
لاءِ هري لکيو
آهي ته حميد سنڌي
جنرل ضياءَ جي
قاتل هٿن ما
”ويريون“ ڪتاب
تي انعام ورتو
هو.
هند
جي بيجوڙ شاعر
موتي پرڪاش جي
سفر نامي ”سي
سڀ سانڌيم ساھ
سيس“ ۾ پڙهيو
هئم ته دبعي ۾
جڏهن به راڳ
جي راڻي عابدا
پروين اردو
غزل ڳائڻ
لڳندي آهي ته موهن
گيهاڻي محفل
مان ئي اٿي
ويندو آهي،
ساڳي ئي ڪيفيت
مون سيتا سنڌو
ڀون ۾ هند جي سنڌين
۾ ڏٺي، جڏهن سنڌ
مان آيل مهمان
مهمان استاد
فيروز گل ان
وقت اردو غزل
ڳائڻ شروع ڪيو
جڏهن هنڌ ۾
سنڌ وارا سنڌي
راڳ جي وجداني
ڪيفيت ۾ جھومي
رهيا هئا، بس
پوءِ ته هڪ هڪ
ٿي سنڌي پنڊال
مان اٿڻ لڳا هئا،
چئي 43
سالن
جي وڇوڙي کان
پوءِ مس مس هنڌ
۽ سنڌ جي سنڌين
کي گڏجي امان
سائڻ واري
زبان ۾ سنڌي
ڪلامن ۽ ڪافين
ٻڌڻ جو موقعو
نصيب ٿيو آهي
۽ پوءِ به
سنڌي ماحول کي
خراب ٿو ڪيو
وڃي. تڙ تڪڙ ۾
اردو غزل کي
ختم ڪري آشا
چاند جڏهن
ڪاجل کان تاجل
جا ٻه ڪلام
ڳارايا تڏهن
اهي ٽڙيل
پکڙيل سنڌي وري
پنهنجي جاين
تي ويهڻ لڳا
هئا سڄي ڀارت
ورش ۾ هر سال
ڌوم ڌام سان
سنڌيت جو
ڏينهن ملهايو
ٿو وڃي. چيٽي
چنڊ کي سنڌين
جي ڏينهن وارو
نالو ڏيڻ اکل
ڀارت سنڌي ٻولي
۽ ساهت سڀا جو ڪارنامو
آهي. ورهاڱي
کان اڳ سنڌ ۾
چيٽي چنڊ جا
ميلا درياھ
ڪناري لڳايا
ويندا هئا،
وقت جي ستم
ظريفي يا سنڌ
جي سنڌين جي
ڪمزوري سڏجي
جو سنڌ وارا
پنهنجي اباڻي
ملڪ ۾ به سنڌيت
جو ڏينهن نٿا
ملهائي سگھن. هتي
ته سنڌ
ڪارونجھر، هالار،
کيرٿر، منڇر،
ڪينجھر،
موهن، مڪلي ۽ سنڌوءَ
جھڙا لفظ به
سنڌي تخليق ۾ ڪتب
آڻڻ ڪبيرو
گناھ سمجھيو
ويندو آهي. ڪنهن
سنڌي کي جرئت
ناهي جو پٽڪي
جو ور ڏئي سنڌي
ٽوپي پائي يا
اجرڪ ڪلهن تي
رکي مائي
ڪلاچيءَ جي
شهر ۾ پسار
ڪري سگھي،
سنڌيت جي
ڏينهن ملهائڻ
لاءِ هند جي
سنڌين کي جس
هجي هو ته ”دان“
واريون
روايتون به دائم
رکي، سنڌ جي
جھوليءَ کي سائو
ڪندا ٿا اچن. ممبئي
جي سنڌين مڙسي
ڪري جسلوڪ
هاسپيٽل
اڏائي ورتي
آهي، جنهن ۾
غريب طبقي جي سنڌين
جو علاج معالج
مفت ۾ ڪيو
ويندو آهي، هي
اها اسپتال
آهي جنهن جي
اڏاوت لاءِ سيٺ
لوڪو
اتمچنداڻي
(حال رهندڙ
ممبئي) ممبئي
جي اديبن کي هڪ
ڪروڙ رپيا نقد
عطيو ڏنو هو، جيڪا
حقيقت ظاهر ٿي
ڪري ته خيراتي
رٿائن ۾ هرو
ڀرو سهڪار ڪري
هنڌ جا ڪي
سيٺيون
ڏاتارن سخي
سپڙ ۽ جادم
جکري وارو
رتبو ٿا رکن. هن
لاءِ مون اڳ ۾
به لڳيو آهي
ته سنڌ جي
هندن ”ديا“ ۽
”دان“ واري
روايت هند ۾
به دائم قائم
رکي، سنڌ جي
جھوليءَ کي
سائو ڪندا ٿا
اچن ۽ ائين
سنڌيت کي
مانائتو بنائڻ
۾ اڳ کان اڳرا ٿا
لڳن، هتي اسان
کي چوڻو ٿو
پوي ته سنڌ جو
امير طبقو رڳو
پنهنجا ڍڍ ڀرڻ
سکيو آهي.