اغزل

نواز خان زئور

 

نگاھ تو جڏھن کنئي، سڄي انا اُڏي وئي،

اکين سندي درياھ ۾ اسان جي دل ٻڏي وئي.

 

جڏھن به پيار جا پکي انھي مٿان اچي لٿا،

ته من جي ٽارڙي سڄي لڏي لڏي لڏي وئي.

 

نه گڏ ھيا ڪڏھن اِھي، نه ڌار ئي ٿيا وري،

جي عشق ٿاٻڙيو ته پوءِ سونھن ڀي ڌڏي وئي.

 

نه زندگي رھي، پريت ۾ نه موت ڀي مليو،

جي ڪنڌ ڏانھن ڪاتڙي وئي ته پو مڏي وئي.

 

ڪڏھن ته مات ۾ ملي، ڪڏھن ته جيت ۾ ملي،

جوا ھئي نه زندگي ته ڀي ايئن ڪڏي وئي.

 

اروپ جو ته رنگ ھو اماس رات وانگيان،

ڪڏھن ڪٿي گڏو ڪٺو، ڪڏھن ڪٿي گڏي وئي.

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

جيئن تو آ جدائي ڪئي،

زندگي مسئلا ٿي وئي.

 

درد دل ۾ وڇوڙي ڪيو،

اوچتو دل ڇڄي آ پئي.

 

اڄ ته مون ڳل ڳاڙھا ڪيا،

تون وئي لڙڪ اکڙين ڏئي.

 

مون ستارا ڏٺا پئي پرين!

اڄ ته تون ڀي لڳين ٿي نئي!

 

مھڪ ڌيمي ڏئين ماڪ ۾،

لاڙ جي ڄڻ ته آھين لئي.

 

پيار کان ٿي نه رڪجي چري،

دل ته آھي صفا بي چئي.

 

قافلا ٿا وڃن ڊوڙندا،

عمر جي راھ تي آ رئي.

 

ڏک ھا، سک ھا، ڇا به ھو،

زندگي نيٺ گذري وئي.

 

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

( وڇڙي ويل سندم وڏي پٽ

جواھر لال زئور جي لاڏاڻي تي غزل)

 

وڃي ڀي تون ويو ناھين، اِتي آھين، اِتي آھين،

پيو ھر وقت ساڃاھين، اِتي آھين، اِتي آھين.

 

ڪڏھن ڪنھن لڙڪ ۾ آھين، ڪڏھن ڪنھن مرڪ ۾ آھين،

ڪڏھن ڪنھن گيت ۾ آھين، اِتي آھين، اِتي آھين.

 

ڪڏھن تون ياد جي آڪاش تي انڊلٺ جيان اڀرين،

ڪڏھن دل تي اچين ڪاھين، اتي آھين، اتي آھين.

 

وڇوڙي کان وڇوڙو ڇو مليو ماڻھوءَ کي ناھي،

وصل کي ڇو نه ساراھين،  اتي آھين، اتي آھين.

 

اسين ھاڻي مري ويا ھون، اسان ۾ پر جيئين ٿو تون،

ڪفن دل تان اچي لاھين، اتي آھين، اتي اھين.

 

شبِ غم آ ٻڏي ٿي دل، ته ڀي تو ڏي اُڏي ٿي دل،

اِيئن جيئن چنڊ تون چاھين، اِتي آھين، اِتي آھين.

 

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

لاڙ ھو، لھرون ھيون ۽ سمنڊ ھو،

رات اُڀ ۾ مڌ َ ماتو چنڊ ھو.

 

ڪير پئي ويئي اڪيلي واٽ سان؟

وار، رخ تي ڄڻ ته ويڙھيو جھنڊ ھو.

 

چنڊ چوڏھين جو مٿان ۽ تون ھئين،

ڀاڪرين منھنجي، ته ڇا ڇا منڊ ھو.

 

لذتون ڏاڍيون مٺيون ھون پيار جون،

تو بدن ڄڻ کير ھو ۽ کنڊ ھو.

 

ٿي وئي سانجھي انوکو گيت ڪو،

دور مندر ۾ وڳو جيئن گھنڊ ھو.

 

رات ساري ھئي خدائي رقص ۾،

تو پئي پيٺو ڀلا ڇا جنڊ ھو!؟

 

شاھبندر! اڄ اداسيون ڇو اٿئي؟

سنڌ کي توتي ڪڏھن ڪو گھمنڊ ھو.

 

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

جيئن مون وٽ ھوءَ رھي وئي آھي،

شاعري دل ۾ لھي وئي آھي.

 

ڇوڪري جيڪا گلاب وانگي ھئي،

عشق ۾ ڇا ڇا سھي وئي آھي!

 

دھشتون درياھ جون نه جنھن روڪِن،

سير کان ڪيئن سا ٽھي وئي آھي!؟

 

ڪالھ پيرا ٿي پڳا پھاڙن تي،

چنڊ ڏي اڄ دل ڪھي وئي آھي.

 

سار جا پنڇي به کنڀ کوھي ويا،

تون نه آئين، ھي وَھي وئي آھي.

 

يادگيريون ھاڻ ڳولجن ڪھڙيون؟

دل- عمارت ئي ڊھي وئي آھي.

 

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

روح توڙي جسم ڊوڙيا ٿي خدا ڏي،

پاڻ پيرا روز موڙيا ٿي خدا ڏي.

 

چنڊ منھنجي چاھ جا ٿي روز اڀريا،

۽ افق پڻ ھٿ جوڙيا ٿي خدا ڏي.

 

عشق جي بي ابت ساگر ۾ اسان ڪلھ،

مست ٿي ھي نيڻ ٻوڙيا ٿي خدا ڏي.

 

پيار ۾ دل ايترا سجدا ڌنا ھا،

جو عبادت رنگ ڇوڙيا ٿي خدا ڏي.

 

دوزخون ۽ جنتون ھُو سڀ لتاڙي،

ڪالھ خيما صوفي کوڙيا ٿي خدا ڏي.

 

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

ڪيلا ڏينهڙا آهن، رڻن جي پياس جھڙا او

ڪڏهن وسندين اچي دل تي ڪڪر ڪنهن آس جھڙا او

اونداهي جي سمنڊ ۾ ڄڻ حياتي هي ٻڏي وئي آ

ڪڏهن ايندين اجالن جيئن پورنماس جھڙا او

اسان کي مرڪ وئي هن جي ڏئي ڪي خواب جيون جا

اسان کي نيڻ ويا هن جا ڪهي  الماس جھڙا او

محبت ڄڻ پکي آهي، اڏارن جي سکي آهي

اچي توسان پکي آهي، پرين آڪاس جھڙا او

اسان جي چاھ ۾ آهين، اکين جي راھ ۾ آهين

سمايل ساھ ۾ آهين، چنبيليءِ واس جھڙا او

 

ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

جوني سوجھرو ٿيندي، دکن، درميان ٿي ويندا

سدائين لاءِ منهنجي گھر پرين مزمان ٿي ويندا

کڻي اکڙيون جڏهن مرڪي ڏنائين پيار جي سرڪي،

نه پو ڏسجان وچوڙي جا خطا اوسان ٿي ويندا

اکيون بيتاب ٿي وينديون ڇمڪنديون پيار ۾ دلڙيون

ٻکين ٻلهارجي ويندا، ٻئي ديھ دان ٿي ويندا

ملي ڪونجون پيون ڪرڪن، ستارا جوش ۾ جرڪن،

حسن ۽ عشق پيا پرچن، سدا هڪ جان ٿي ويندا

ڊٺل نفرت نگر هوندو، رڳو محبت نگر هوندو

پکين وانگر وڳر هوندو، اڪنڍ انسان ٿي ويندا

وٺين ٿو ماڪ جيئن چميون، پرھ جي پياڪ جئن چميون

اڙي ڀئونرا! گلن کي ڇڏ، مٿن نيشان ٿي ويندا

محبت ۽ سياست جون سدائين واٽڙيون ووڙيون

وطن دلبر ٻئي دل ۾ سنگم آسان ٿي ويندا

اڙي او سنڌ جي ٻولي، جڏهن بي تو جھلي جھولي،

ڪئين عاشق ڀٽائي جا اچي قربان ٿي ويندا

جڏهن هي ديس پيو جاڳي، کٽو ۽ کيس پيو جاڳي،

ته آزادي سندا سپرين! سوين امڪان ٿي ويندا

سنت ڪنهن مئڪي ڏانهن يا پرين جي ئي ڳلي ڏانهن ٿئي

هليا عاشق جي مقتل ڏي، اتي بي ”خان“ ٿي ويندا

 

ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

 

تنهنجي آ سرهاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

ڏيئي دل ۾ پيرڙا

آئي آهين پاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

ڏسي تنهنجي ڏيل کي

جذبن ۾ ماڌاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

گلڙن وانگر عاشقي

ماڻي آ لالاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

چندرما جيئڻ يار آ

دلڙي آه نياڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

اڏري آيون ڳالهڙيون

ڦهلائي چانڊاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

هيڪل سنڌوءِ ڪنٺ تي

اکڙين ۾ آلاڻ

ڌيمي ڌيمي واءِ ۾

Back